Saturday, 14 September 2013

سائنسي ذهن - جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو (Nusrat Bano)


جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو            
سائنسي ذهن
انساني ذهن بابت نفسي علم جي اصولن هيٺ جيڪي لکين تجربا ڪيا ويا آهن، انهن اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته ماڻهوءَ جي هر چڱي ڀلي ٻار جو دماغ فطري طرح سائنسي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان هر هنرمندي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ماهر آهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنهنجو پاڻ نيون شيون ٺاهڻ ۽ ايجاد ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. ان ڪري ماڻهوءَ-ذات حيوانن جي دنيا کان ڌار ۽ ٻي نموني جي مٿير ۽ موچاري آهي، پر خرابي اها آهي ته ايڏي مٿير ۽ ماهر ساڃاهه ۽ ڏات سولائيءَ سان دَٻجي بيڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. 

طبعي جاگرافي - رضوان گل (Rizwan Gul)


ليکڪ: رضوان گل
طبعي جاگرافي (Physical Geography)

سائنس جي شعبي جاگرافيءَ جي نهايت ئي اهم شاخ، طبعي جاگرافي آهي. بنيادي طور، جاگرافي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي: 1. طبعي جاگرافي، ۽ 2. انساني جاگرافي (Human Geography). انهن ٻن اهم شاخن کي وڌيڪ ٻين ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو جدا جدا مطالعو ڪيو ويندو آهي.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته بنيادي طور جاگرافي آهي ئي طبعي جاگرافي! جيتوڻيڪ مختلف دَورن ۾ جاگرافيءَ جي مستند ۽ متفقه تشريح بابت بحث هلندا رهيا آهن، پوءِ به اڄ تائين هن شعبي جي ڪينواس جون حدون طَي ٿي ناهن سگهيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هي علم به ايترو ئي وسيع آهي جيتري هيءَ ڌرتي وسيع آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافيءَ ۾ ۽ خاص طور طبعي جاگرافيءَ ۾ ته هر ان زميني حصي جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جيڪو اسان جي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي.

ننڊ ۽ اوجاڳو - عبدالوحيد ميمڻ (Abdul Waheed Memon)


تحرير: عبدالوحيد ميمڻ

ننڊ ۽ اوجاڳو

 ننڊ ڇا آهي ۽ ننڊ دوران ڪهڙا ڪهڙا جسماني عضوا آرام ڪندا آهن يا ڪم ڪندا آهن؟ انهن ڳالهين تي گهڻي وقت کان تحقيق ٿي رهي آهي، پر اڃا تائين سڀني حقيقتن جي پوريءَ طرح خبر پئجي نه سگهي آهي.
ننڊ جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ ڪي غلط فهميون پکڙيل آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. تجربن ذريعي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ننڊ جي ضرورت کاڌي پيتي کان به وڌيڪ آهي. هڪ روسي پروفيسر انهيءَ سلسلي ۾ ڪتي جي گُلرن تي ننڊ جا تجربا ڪيا هئا. هن ڇا ڪيو جو ڪِن گلرن کي کاڌي پيتي جون ته سڀ شيون ڏنائين، پر انهن کي اوجاڳو به ڪرايائين، ۽ ڪن گلرن کي کاڌي پيتي جون شيون نه ڏنائين پر ننڊ جا سمورا موقعا ڏنائين. هن ڏٺو ته اوجاڳي ماريل گلر ته پنجنِ ڏينهن اندر مري ويا، پر کاڌي پيتي کان محروم گلر ويهن ڏينهن تائين به زنده رهيا.

ذهني ورثو / عقلي ملڪيت - عبدالخالق ميڻو (Abdul Khaliq Meno)


ليکڪ: عبدالخالق ميڻو
ذهني ورثو / عقلي ملڪيت
ذهني ورثي/عقلي ملڪيت (Intellectual Property) جو مطلب آهي ته اهڙو اصلي (اوريجنل) تخليقي ڪَمُ/تخليق جنهن کي اقتصادي/معاشي اهميت هجي ۽ اهو قانون تحت محفوظ ٿيل هجي. ذهني ورثي جا قانون (Intellectual Property Laws) اصلي تخليقي ڪم جي تخليقڪار کي سندس اجازت کان سواءِ ٻين کي ان جي ڪَمَ/تخليقَ کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا تقسيم/ڦهلائڻ کان روڪن ٿا. اِهي قانونَ تخليقڪارن کي سماج لاءِ وڏا فائديمند سائنسي ۽ تخليقي ڪم پيش ڪرڻ جي عيوض مالياتي فائدا مهيا ڪن ٿا. ڪجهه ذهني ورثي جا قسمَ تخليق ٿيڻ جي وقت ئي خود بخود تحفظ ۾ ايندا آهن، ٻيا قسمَ سرڪار جي ڪنهن اداري کان تحفظ مهيا ڪرڻ جِي مخصوص گُهر ڪندا آهن. تقريباً سڀني ملڪن ۾ ذهني ورثي کي تحفظ ڏيڻ جا قانون آهن، تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ ذهني ورثي جا قانون اثرائتي انداز ۾ ڪو نه ٿا عمل ۾ آڻن ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ وڏين ڏکيائين جو سبب بڻجن ٿا.

دلچسپ حقيقتون - ترجمو: فدا حسين ميرجت (Fida Hussain Mirjat)


ترجمو: فدا حسين ميرجت
دلچسپ حقيقتون

جيڪڏهن توهان ساڄڙيا آهيو ته کاڌو کائڻ مهل گھڻي ڀاڱي ساڄي ڄاڙيءَ ۾ چٻاڙيندَو ۽ جيڪڏهن کاٻڙيا آهيو ته پنهنجيءَ ڄاڙيءَ جو کاٻو پاسو استعمال ڪندَو.
توهان جي زبان ان صورت ۾ ئي جِيوِڙن کان صاف چئبِي جيڪڏهن اها گلابي ڏسڻ ۾ اچي، پر جيڪڏهن اها اڇي ڏسجي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته مٿس بيڪٽريا جو سنهو تهه موجود آهي (جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ صفائي ڪجي).
جڏهن ماڻهو ڪا وڻندڙ شَي ڏسي ٿو ته سندس اک جي ماڻڪي وڌ ۾ وڌ 45 سيڪڙي تائين پکڙجي ٿي.
سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو، سگريٽ ڇڏي ته کيس رات جو هڪ ڪلاڪ گھٽ سمهڻ جي طلب ٿيندي.

عالمي ڪوسائپ - ترجمو: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ترجمو: رياضت ٻرڙو
عالمي ڪوسائپ
ڇا توهان تاءَ ڀَرِي موسم چاهيو ٿا؟ ڇا توهان پسند ڪندَو ته اها اڃا توڻي ڪوسي رهي؟ خبردار ٿيو، ته توهان ڇا پيا چاهيو. ڌرتي ان طرف وَڌي پئي. ان لاڙي کي ئي عالمي ڪوسائپ چئجي ٿو.
سڀ سائنسدان ان ڳالهه تي متفق ناهن ته ڪو عالمي ڪوسائپ ٿئي پئي. ڪجھ چون پيا ته اهو ڄاڻڻ ناممڪن آهي ته مجموعي طور فضا بدلجي پئي. ڇا به هجي، گرمي پد (ٽيمپريچر) ڏينهون ڏينهن ۽ سالئون سال وڌي پيو. اڪثر سائنسدان چون ٿا ته اهو لاڙو وڌندڙ آهي. تاءَ ڀريا ڏهاڙا وڌيڪ ڪوسا آهن ۽ ٿڌا ڏينهن اڳ جهڙا ٿڌا ناهن. اهي ڌيان ڏيارائن ٿا ته گذريل صديءَ جا 10 ڪوسا سال 1980ع کان پوءِ ٿيا آهن. ٽي گرم ترين سال 1990ع کان پوءِ آيا، ۽ 1998ع اهو سال آهي جيڪو وڌ ۾ وڌ ڪوسو رهيو.
انهن سائنسدانن موجب، ڌرتي گذريل 100 سالن دوران اٽڪل هڪ ڊگرِي فهرنهائيٽ (0.6 ڊگري سينٽيگريڊ) تَپي آهي. هنن موجب، ان جو تناسب وڌي پيو. اڄ کان 100 سال پوءِ، ڌرتي 10 ڊگريون کن وڌيڪ تتل هوندي!