Friday, 8 November 2013

ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي؟ - سنڌيڪار: صائمه رند (Saima Rind)


ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي؟
سنڌيڪار: صائمه رند
پڙهائي سکڻ، ٻولي سکڻ وانگر ناهي. ٻوليءَ جو اچڻ ’فطرتي‘ آهي، جڏهن ته پڙهڻ جو مامرو جدا ٿئي ٿو. پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۽ هدايتن جي گھرج پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته پڙهڻ ڪو فطرتي عمل نه آهي.
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ وارو ٻار، ڪتابن سان چاهه، ان صورت ۾ ئي رکي سگھي ٿو، جڏهن هُو پڙهڻ لڳي ٿو. ٻارُ پڙهڻ جي عادت تڏهن سکي ٿو، جڏهن هُو پنهنجي ماحول ۾ ڪتاب ڏسي ٿو يا وري وڏن کي پڙهندي ڏِسي ٿو.

ڌرتي گرهه - ترجمو: جاويد حسين وڌو (Javed Hussain Wadho)


ڌرتي گرهه
(Planet Earth)

ترجمو: جاويد حسين وڌو

جيڪڏهن توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته گِرهه (پلانيٽ/Planet) ڪيئن هوندو آهي، ته پوءِ توهان کي تمام گھڻو پري ڏسڻو ڪو نه پوندو، ڇو ته توهان هڪ گرهه تي ئي رهو پيا. ڌرتي سج-سرشتي (Solar System) جي نون گرهن مان هڪ گرهه آهي. گرهَه ٽَڪر (Rock)، ڌاتو (Metal) ۽ گئسن (Gases) جا ٺهيل وڏا گولا آهن، جن کي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪا روشني  نه ٿيندي آهي.
ڪنهن حد تائين اسان جي گرهه (ڌرتي) ۽ ٻين گرهن ۾ ڪو فرق نه آهي. جيئن عطارد (Mercury)، زهره (Venus) يا مريخ (Mars) وانگر ڌرتي گھڻو ڪري ٽَڪر سان گڏ مرڪز (Center) ۾ ڌاتوءَ جو ڳڀ (Metal Core) رکندڙ آهي. زهره ۽ مريخ وانگر ڌرتيءَ جي چوڌاري گئسن جو واءُ منڊل (Atmosphere) آهي ۽ ڪــيتــرن ٻيــن گــرهـن، جـھــڙوڪ مـــــشــتــري (Jupiter) يا زحل (Saturn) وانگر ڌرتيءَ کي به هڪ چنڊ آهي.

ماکيءَ جا طبي فائدا - قربان علي راڄپر (Qurban Ali Rajper)


ماکيءَ جا طبي فائدا
ليکڪ: قربان علي راڄپر

ماکي هڪ بهترين غذا هئڻ سان گڏ رت صاف ڪندڙ، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين ڪيترين ئي اندرين توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو هڪ بهترين علاج آهي. هتي ماکيءَ جي ڪن فائدن ۽ ان جي استعمال جو بيان ڏجي ٿو. جنهن مان ماکيءَ جي انيڪ خوبين جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال پڻ ڪري سگهجي ٿو.
بهترين خوراڪ: بهترين خوراڪ جي حيثيت سان هر روز صبح ۽ شام جو ماکيءَ جو، هڪ کائڻ وارو چمچو مکڻ جي پسند آهر مقدار سان کائڻ گهرجي.

ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن - ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


1901ع ۾ فزڪس جي شعبي ۾ نوبل پرائز حاصل ڪندڙ سڄاڻڪ/سائنسدان
 ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن
(Wilhelm Conrad Roentgen)
ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو
سائنسي سوچ“ جي پڙهندڙن لاءِ، موجوده شماري کان، فزڪس، ڪيمسٽري، ۽ طب ۽ ميڊيسن جي شعبن ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانن جي جيوَن ڪٿا ۽ سندن ڪم بابت مختصر تحريرن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ شروعاتي طور فزڪس کان اڳڀرائي ڪيون پيا. جيئن ته انهن سائنسدانن جو انگُ چڱو چوکو آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪبي ته آئنده هر شماري ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن دوران نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدانن جو ضروري احوال اچي سگھي.
ايڪس ريز جي اتفاقي کوجنا سبب فزڪس جي شعبي ۾ مشهوري ۽ 1901ع ۾، پنهنجيءَ ان کوجنا سبب، فزڪس جو پهريون نوبل انعام ماڻيندڙ هيءُ سائنسدان وليم ڪونراڊ روئنٽجن 27 مارچ 1845ع تي، جرمنيءَ جي شهر لينيپ (Lennep) ۾ ڄائو، پر هُو نيڌرلئنڊ ۾ پلجي وڏو ٿيو. هن زيورچ (سئٽزرلئنڊ) جي فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪـنالاجـيءَ مان 1868ع ۾ مـڪـينيـڪـل انجـنيـئرنگ جـي ڊگـري حـاصـل ڪـئي ۽ زيورچ يونيورسٽيءَ مان 1869ع ۾ فزڪس ۾ پِي ايڇ. ڊِي. (Ph.D.) ڪئي.

ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات
چونڊ ۽ ترجمو: رياضت ٻرڙو

س: آرڪٽ (Orkut) ڇا آهي؟
ج: آرڪٽ آن لائين بِرادري/نيات آهي جيڪا پنهنجن رُڪنن/ميمبرن کي هڪ ٻئي سان سلهاڙي ٿي ۽ بحث مباحثا ڪري ٿي. اتي توهان هڪ ٻئي کي اِي ميل ڪري سگھو ٿا ۽ خاص الخاص ته توهان مختلف ٽولا/گروپ جوڙي، نوَن دوستن سان ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون وغيره ڪري، پنهنجو وسيع سماجي سلسلو (نيٽ ورڪ) ٺاهي سگھو ٿا. آرڪٽ ويجھن رابطن واري اهڙي نيات آهي جنهن ۾ توهان تڏهن شامل ٿي سگھو ٿا، جڏهن ان نيات جو ڪو ٻيو رڪن توهان کي ڪوٺ ڏي. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به آرڪٽ رڪن جي ڄاڻ ناهي ته ويب سائيٽ تي جھٽ کن ترسو، ستت ئي توهان کي ڪوٺ ملي ويندي، ته اچي شريڪ ٿيو. آرڪٽ بابت وڌيڪ ڄاڻ ان جي هن ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي: www.orkut.com

Saturday, 14 September 2013

سائنسي ذهن - جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو (Nusrat Bano)


جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو            
سائنسي ذهن
انساني ذهن بابت نفسي علم جي اصولن هيٺ جيڪي لکين تجربا ڪيا ويا آهن، انهن اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته ماڻهوءَ جي هر چڱي ڀلي ٻار جو دماغ فطري طرح سائنسي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان هر هنرمندي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ماهر آهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنهنجو پاڻ نيون شيون ٺاهڻ ۽ ايجاد ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. ان ڪري ماڻهوءَ-ذات حيوانن جي دنيا کان ڌار ۽ ٻي نموني جي مٿير ۽ موچاري آهي، پر خرابي اها آهي ته ايڏي مٿير ۽ ماهر ساڃاهه ۽ ڏات سولائيءَ سان دَٻجي بيڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. 

طبعي جاگرافي - رضوان گل (Rizwan Gul)


ليکڪ: رضوان گل
طبعي جاگرافي (Physical Geography)

سائنس جي شعبي جاگرافيءَ جي نهايت ئي اهم شاخ، طبعي جاگرافي آهي. بنيادي طور، جاگرافي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي: 1. طبعي جاگرافي، ۽ 2. انساني جاگرافي (Human Geography). انهن ٻن اهم شاخن کي وڌيڪ ٻين ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو جدا جدا مطالعو ڪيو ويندو آهي.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته بنيادي طور جاگرافي آهي ئي طبعي جاگرافي! جيتوڻيڪ مختلف دَورن ۾ جاگرافيءَ جي مستند ۽ متفقه تشريح بابت بحث هلندا رهيا آهن، پوءِ به اڄ تائين هن شعبي جي ڪينواس جون حدون طَي ٿي ناهن سگهيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هي علم به ايترو ئي وسيع آهي جيتري هيءَ ڌرتي وسيع آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافيءَ ۾ ۽ خاص طور طبعي جاگرافيءَ ۾ ته هر ان زميني حصي جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جيڪو اسان جي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي.

ننڊ ۽ اوجاڳو - عبدالوحيد ميمڻ (Abdul Waheed Memon)


تحرير: عبدالوحيد ميمڻ

ننڊ ۽ اوجاڳو

 ننڊ ڇا آهي ۽ ننڊ دوران ڪهڙا ڪهڙا جسماني عضوا آرام ڪندا آهن يا ڪم ڪندا آهن؟ انهن ڳالهين تي گهڻي وقت کان تحقيق ٿي رهي آهي، پر اڃا تائين سڀني حقيقتن جي پوريءَ طرح خبر پئجي نه سگهي آهي.
ننڊ جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ ڪي غلط فهميون پکڙيل آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. تجربن ذريعي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ننڊ جي ضرورت کاڌي پيتي کان به وڌيڪ آهي. هڪ روسي پروفيسر انهيءَ سلسلي ۾ ڪتي جي گُلرن تي ننڊ جا تجربا ڪيا هئا. هن ڇا ڪيو جو ڪِن گلرن کي کاڌي پيتي جون ته سڀ شيون ڏنائين، پر انهن کي اوجاڳو به ڪرايائين، ۽ ڪن گلرن کي کاڌي پيتي جون شيون نه ڏنائين پر ننڊ جا سمورا موقعا ڏنائين. هن ڏٺو ته اوجاڳي ماريل گلر ته پنجنِ ڏينهن اندر مري ويا، پر کاڌي پيتي کان محروم گلر ويهن ڏينهن تائين به زنده رهيا.

ذهني ورثو / عقلي ملڪيت - عبدالخالق ميڻو (Abdul Khaliq Meno)


ليکڪ: عبدالخالق ميڻو
ذهني ورثو / عقلي ملڪيت
ذهني ورثي/عقلي ملڪيت (Intellectual Property) جو مطلب آهي ته اهڙو اصلي (اوريجنل) تخليقي ڪَمُ/تخليق جنهن کي اقتصادي/معاشي اهميت هجي ۽ اهو قانون تحت محفوظ ٿيل هجي. ذهني ورثي جا قانون (Intellectual Property Laws) اصلي تخليقي ڪم جي تخليقڪار کي سندس اجازت کان سواءِ ٻين کي ان جي ڪَمَ/تخليقَ کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا تقسيم/ڦهلائڻ کان روڪن ٿا. اِهي قانونَ تخليقڪارن کي سماج لاءِ وڏا فائديمند سائنسي ۽ تخليقي ڪم پيش ڪرڻ جي عيوض مالياتي فائدا مهيا ڪن ٿا. ڪجهه ذهني ورثي جا قسمَ تخليق ٿيڻ جي وقت ئي خود بخود تحفظ ۾ ايندا آهن، ٻيا قسمَ سرڪار جي ڪنهن اداري کان تحفظ مهيا ڪرڻ جِي مخصوص گُهر ڪندا آهن. تقريباً سڀني ملڪن ۾ ذهني ورثي کي تحفظ ڏيڻ جا قانون آهن، تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ ذهني ورثي جا قانون اثرائتي انداز ۾ ڪو نه ٿا عمل ۾ آڻن ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ وڏين ڏکيائين جو سبب بڻجن ٿا.

دلچسپ حقيقتون - ترجمو: فدا حسين ميرجت (Fida Hussain Mirjat)


ترجمو: فدا حسين ميرجت
دلچسپ حقيقتون

جيڪڏهن توهان ساڄڙيا آهيو ته کاڌو کائڻ مهل گھڻي ڀاڱي ساڄي ڄاڙيءَ ۾ چٻاڙيندَو ۽ جيڪڏهن کاٻڙيا آهيو ته پنهنجيءَ ڄاڙيءَ جو کاٻو پاسو استعمال ڪندَو.
توهان جي زبان ان صورت ۾ ئي جِيوِڙن کان صاف چئبِي جيڪڏهن اها گلابي ڏسڻ ۾ اچي، پر جيڪڏهن اها اڇي ڏسجي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته مٿس بيڪٽريا جو سنهو تهه موجود آهي (جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ صفائي ڪجي).
جڏهن ماڻهو ڪا وڻندڙ شَي ڏسي ٿو ته سندس اک جي ماڻڪي وڌ ۾ وڌ 45 سيڪڙي تائين پکڙجي ٿي.
سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو، سگريٽ ڇڏي ته کيس رات جو هڪ ڪلاڪ گھٽ سمهڻ جي طلب ٿيندي.

عالمي ڪوسائپ - ترجمو: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ترجمو: رياضت ٻرڙو
عالمي ڪوسائپ
ڇا توهان تاءَ ڀَرِي موسم چاهيو ٿا؟ ڇا توهان پسند ڪندَو ته اها اڃا توڻي ڪوسي رهي؟ خبردار ٿيو، ته توهان ڇا پيا چاهيو. ڌرتي ان طرف وَڌي پئي. ان لاڙي کي ئي عالمي ڪوسائپ چئجي ٿو.
سڀ سائنسدان ان ڳالهه تي متفق ناهن ته ڪو عالمي ڪوسائپ ٿئي پئي. ڪجھ چون پيا ته اهو ڄاڻڻ ناممڪن آهي ته مجموعي طور فضا بدلجي پئي. ڇا به هجي، گرمي پد (ٽيمپريچر) ڏينهون ڏينهن ۽ سالئون سال وڌي پيو. اڪثر سائنسدان چون ٿا ته اهو لاڙو وڌندڙ آهي. تاءَ ڀريا ڏهاڙا وڌيڪ ڪوسا آهن ۽ ٿڌا ڏينهن اڳ جهڙا ٿڌا ناهن. اهي ڌيان ڏيارائن ٿا ته گذريل صديءَ جا 10 ڪوسا سال 1980ع کان پوءِ ٿيا آهن. ٽي گرم ترين سال 1990ع کان پوءِ آيا، ۽ 1998ع اهو سال آهي جيڪو وڌ ۾ وڌ ڪوسو رهيو.
انهن سائنسدانن موجب، ڌرتي گذريل 100 سالن دوران اٽڪل هڪ ڊگرِي فهرنهائيٽ (0.6 ڊگري سينٽيگريڊ) تَپي آهي. هنن موجب، ان جو تناسب وڌي پيو. اڄ کان 100 سال پوءِ، ڌرتي 10 ڊگريون کن وڌيڪ تتل هوندي!

Friday, 7 June 2013

خارش جي بيماري - ڊاڪٽر غلام حسين مهيسر (Dr. Gh. Sidique Mahesar)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
خارش جي بيماري
تحرير: ڊاڪٽر غلام حسين مهيسر ”شوق“
خارش هڪ عام مرض آهي. ڪا خارش ڪِولي (ماڪوڙي) يا ٻين جيتن جي ڏنگ هڻڻ ڪري ٿيندي آهي. ڪيترائي جيت خاص ڪري مڇرَ مليريا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جا جيوڙا هڪ انسان مان حاصل ڪري، ٻئي تندرست انسان تائين پهچائيندا آهن ۽ اهڙا موذي مرض عام پکڙجي ويندا آهن. ان ڪري ماڻهن کي گھرجي ته صحت کاتي وارن سان تعاون ڪري، پنهنجن گھرن ۾ مڇر مار تيل يا ڦوهارا هڻائن ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻيءَ کي هنڌِ هنڌِ جمع ٿيڻ نه ڏين. برسات پَوڻ ڪري خود بخود پاڻيءَ جا  ڍورا ڀرجي ويندا آهن ۽ اهو گندو پاڻي مڇرن جو تعداد وڌائڻ ۾ سندن ڏاڍي مدد ڪندو آهي.

زراعت کي نئين ٽيڪنالاجيءَ جي گھرج - ايم. ايڇ. پـنهور/ستار هڪڙو (M.H. Panhwar/Sattar Hakro)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
زراعت کي نئين ٽيڪنالاجيءَ جي گھرج آهي
ليکڪ: ايم. ايڇ. پـنهور
ترجمو: ستار هڪڙو
زراعت جي عالمگيريت گھٽ اڀياس، گھٽ اهميت ۽ گھٽ ڄاڻ ڪري پاڪستان لاءِ انيڪ نتيجا آڻيندي. پاڪستان 1995/96 ۾ ڊبليو. ٽِي. او. (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، W.T.O) تي صحيح ڪـئي، پر گذريل ڏهن سالن ۾ چئن حڪومتن ان سلسلي ۾ ڪي به اڀياس نه ڪرايا آهن، جيڪا شرم جھڙي ڳالھ آهي.

گلاب جو گل - محبوب علي جوکيو (Mehboob Ali Jokhio)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
گلاب جو گل
تحرير: محبوب علي جوکيو
گلاب جو گل سڀني گلن جو سردار آهي. خوشبوءِ، حسن يا طبي فائدن جي لحاظ کان هي گل پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هي گل نه صرف ڏسڻ جو ڏيل ۽ سينگار جو سامان آهي، پر حڪيمن هن جا ڪيترائي فائدا پڻ بيان ڪيا آهن ۽ هن جا، ڪيترن ئي قسمن جا مرڪب بڻائي، اهي صحت جهڙي انمول نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا آهن.
اسان جي ملڪ ۾ هن گل جو ايترو قدر نه آهي ۽ ان جا مخصوص باغ ڪو نه ٿا رکيا وڃن. ايران، رومانيا، هنگري، ترڪي وغيره ملڪن ۾ گلاب جا خاص باغيچا رکيا وڃن ٿا.

سائنس جي شعبن ۾ 2008ع جا نوبل انعام - ترجمو: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
سائنس جي شعبن ۾ 2008ع جا نوبل انعام

 ترجمو: رياضت ٻرڙو

ڪيمسٽريءَ جو شعبو
جيلِي مڇيءَ جي چمڪ جي ڪارڻن کي ڄاڻي، ٻن آمريڪي ۽ هڪ جپاني سائنسدانن ڪيمسٽريءَ جو نوبل انعام ماڻيو آهي. مارٽن چيلفِي، راجر سين ۽ شيمو مورا آبي جيوت جي چمڪڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ، ان جي جيڻ (Gen) جو اڀياس ڪيو. ڄاڻايل ٽنهي سائنسدانن جي تحقيق سان، هاڻي بَدني سرشتي کي سمجھڻ ۾ مدد ورتي پئي وڃي. آبي جيوت ۾ چمڪ جي اصول کي ڪتب آڻيندي بدني سرشتي کي سمجھي سگھجي ٿو جنهن سان دماغ جي تنتي گھرڙن (نيورون) جي ٺهڻ يا ڪينسريائي تنتي گھرڙن جي وڌڻ جي عمل کي جاچي سگھجي ٿو.

Monday, 3 June 2013

ماحول جو عالمي ڏهاڙو



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران
”ماحول جو عالمي ڏهاڙو“ ملهايو ويو
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران 5-جُونِ 2008ع تي، خميس ڏينهن، شام جو ڇهين وڳي، ماحول جي عالمي ڏهاڙي جِي نسبت سان، قنبر شهر ۾، پٺاڻ مسجد ويجھو قائم اڪيڊميءَ جي آفيس کان واڪ جي شروعات، اڪيڊميءَ جي چيئرمئن خادم حسين رند جي اڳواڻيءَ ۾ ٿِي. واڪ جو مقصد ماحول کي درپيش خطرن کان شهرين کي آگاهي ڏيڻ ۽ ماحول-دوست اپاءَ وٺڻ هو. هن واڪ ۾ قنبر جي سماجي، ادبي ۽ استاد ۽ شاگرد برادريءَ سان واڳيل شخصيتن شرڪت ڪئي. نمايان شخصيتن ۾ آتش سنڌي، محمد عظيم سومرو، پروفيسر اشرف علي ميمڻ، رياضت ٻرڙو، ثقلين لاشاري، فدا حسين ميرجت، قمرالدين قمر، ذوالفقار ڪلهوڙو، امتياز احمد مغل، زاهد حسين ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن. واڪ ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر تي خوبصورت اکرن ۾ لکيل هو: اچو ته ڌرتي بچايون، ماحول سنواريون، زندگي بچايون، 5-جُون: ماحول جو عالمي ڏينهن. ان موقعي تي اڪيڊميءَ پاران پمفليٽ پڻ ڇپايا ويا هئا، جيڪي شهرين ۾ ورهايا پئي ويا. پمفليٽ تي ماحول کي درپيش خطرن بابت آگاهي ڏيندي ڄاڻايو ويو هو ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ماحول کي سنوارڻ ۾ اسين پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا.

ڳائو کير ضروري غذا... - ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو (Dr. Ali Murtaza Dharijo)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
”ڳائو کير ضروري غذا آهي بشرطيڪ توهان گابا هجو.“

مترجم: ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو

مريض جي چارٽ جو ڌيان سان اڀياس ڪيم: ”14 مهينن جو ٻارڙو ليس زڪام ۾ مبتلا آهي ۽ کائي پيئي نه ٿو.“ سندس پيءَ ڪڪائون رنگو 40 جي ڏهاڪي ۾، ٻارڙو سندس هنج ۾ ۽ بي چين هو، سندس چمڙي هلڪي ڦڪاڻ مائل سفيد هئي، جنهن سبب منهنجو پهريون اندازو هو ته کيس ڪامڻ آهي.
پاڻ کي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ سندس پيءَ کان پڇيم: ”ڇا تنهنجي ٻار کي ڪا بيماري آهي؟“
هن آهستي فلپيني لهجي ۾ جواب ڏنو: ”منهنجي پٽ کي دم آهي.“

عظيم ترين ڌماڪو - ترجمو: خادم رند (Khadim Rind)



’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
عظيم ترين ڌماڪو (Big Bang)
ڪائنات ڪيئن جُڙي؟
(هڪ نئين تجربي جي ڪٿا)
ترجمو: خادم رند
بگ بينگ تجربي جي ڪامياب شروعات
سائنسدانن هن مهانگي ۽ طاقتور تجربي جي ڪامياب ابتدا کي ساراهيو آهي، جنهن سان بگ بينگ يا عظيم ترين ڌماڪي کان ترت پوءِ وارا لمحا هڪ ڀيرو ٻيهر پيدا ڪري، ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کي سائنسي نڪتي نظر سان ڄاڻي سگھبو. فرانس ۾ ڌرتيءَ هيٺ ٺاهيل تحقيقي مرڪز ۾ موجود سائنسدانن پروٽان ذرڙن جا ٻه شعاع ڇڏيا آهن. پروٽان ذرڙن جڏهن 27 ڪلوميٽر ڊگھي گول چُر ۾ پهريون چڪر پورو ڪيو ته تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ان چُر ۾ هڪ تمام وڏو هائيڊرون ڪولائينڊر به لڳايو ويو آهي. اهڙي قسم جي تجربي بابت ٽي ڏهاڪا اڳ سوچيو ويو هو.

Sunday, 2 June 2013

سائنس سماچار - ترجمو: خادم رند (Khadim Rind)


’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
سائنس سماچار
ترجمو: خادم رند
هڪ نئين مفرد عدد (پرائيم نمبر، Prime Number) جو پتو پئجي ويو
آمريڪا ۾، لاس اينجلس ۾، ڪيليفوريا يونيورسٽيءَ جي رياضيدانن هڪ نئون مفرد عدد ڳولي لڌو آهي، جيڪو هڪ ڪروڙ ٽيهه لک عددن تي ٻڌل آهي. اميد آهي ته ان نئين مفرد عدد کي دنيا آڏو آڻڻ تي، رياضيدانن کي هڪ لک ڊالرن جو انعام ملي سگھي ٿو. مفرد عدد، اهڙو عدد هوندو آهي جنهن کي رڳو پاڻ سان يا وري هڪ انگ سان ونڊي سگھجي ٿو.
ٻڌايو ويو آهي ته نئون مفرد عدد پنجھتر ڪمپيوٽرن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ کان پوءِ ئي ڳولي لڌو ويو. ايئن ڪرڻ سان رياضيدانن کي انتهائي مُنجھيل ۽ ڊگھي جوڙ ڪٽ ڪرڻ ۾ ڪجھه سهولت پيدا ٿي پئي، جنهنڪري هڪ نئين مفرد عدد جي ڳولا ۽ تصديق ممڪن ٿي سگھي. رياضيدانن جي ٽيم جي اڳواڻ ايڊيسن سمتا خابرو اداري اي.پي کي ٻڌايو ته اسان سڀ خوش آهيون ۽ هاڻي ٻئين مفرد عدد جي ڳولا ڪنداسون، جيتوڻيڪ ايئن ڪرڻ لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻيءَ جھڙو آهي.

Saturday, 1 June 2013

سائنس ۽ ’سائنسي سوچ‘ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
سائنس ۽ ’سائنسي سوچ‘
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
نوٽ: هيءَ تحرير ”ايڊيٽوريل“ عنوان هيٺ سائنسي سوچ پبليڪيشن جي پهرينءَ ڪڙِيءَ ۾، سيپٽمبر 1990ع ۾، ڇپي هئي. ايڊيٽوريل تي جيئن ته ليکڪ جو نالو ناهي ڏنو ويندو تنهنڪري ان وقت مٿس ڪنهن جو به نالو نه ڇپيو ويو. پر اسان ڄاڻون ٿا ته اها تحرير اسان جي رهنما ڊاڪٽر محبت ٻرڙي لکي هئي، ان ڪري هاڻ اهو ايڊيٽوريل ڊاڪٽر صاحب جي نالي سان پڌرو ڪيون پيا، جيڪو اڄ به اسان جي اهڙيءَ ريت ئي رهنمائي ڪري رهيو آهي، جيئن تنهن وقت ڪئي هئائين. اها ئي هن ايڊيٽوريل جي اهميت آهي، جنهن سبب اسان ان کي ٻيهر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. - ايڊيٽر

سائنس“ لفظ ٻڌڻ سان عام ماڻهو ئي نه، پر ڪيترائي خاص ماڻهو به اهو سوچڻ لڳن ٿا ته هيءَ ڪا اهڙي شَي آهي جنهن سان سندن ڪو به واسطو نه هجي، رڳو هنري ڳالهيون، شيون يا مشينون ئي سائنس هجن ۽ اهو رڳو سائنسدانن جو ڪم هجي. سائنس ڄڻڪ ڪا اسان کان پراهين ۽ خصوصي بَلا هجي جنهن کي ماري مڃائڻ منهنجو، سڀ جو ڪم ناهي.
”سائنس“ جي عام ۽ سنئين سڌي معنى آهي ”ڄاڻ“، پر جيئن ته هوري هوري هن لفظ کي اهڙي ڄاڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو جيڪا کوج، تپاس، پرک، پروڙ ۽ پُرجھ تي ٻڌل هجي، تنهنڪري ”سائنس“ کي اڄ ”سڄاڻ“ چئي ٿا سگھون.

ايڊيٽوريل 1 - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (ايڊيٽوريل)
رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، سنڌ-سطح تي رجسٽرڊ، هڪ غير منافعو ڏيندڙ، غير سرڪاري ۽ غير سياسي ادارو آهي، جنهن جو بنياد سنڌ جي نامور محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ، سندس خدمتن جي مڃتا ۽ ڦهلاءَ لاءِ، سال 1997ع ۾، قنبر شهر ۾ رکيو ويو. تنهن وقت کان، اڪيڊمي پنهنجين ذميوارين کي محسوس ڪندي سنڌي سماج ۾ علمي، تعليمي ۽ ادبي واڌاري لاءِ، سائنسي نُڪتي نظر رکندي، پاڻ پتوڙي رهي آهي.