ترجمو: رياضت ٻرڙو
عالمي ڪوسائپ
ڇا توهان تاءَ
ڀَرِي موسم چاهيو ٿا؟ ڇا توهان پسند ڪندَو ته اها اڃا توڻي ڪوسي رهي؟ خبردار ٿيو،
ته توهان ڇا پيا چاهيو. ڌرتي ان طرف وَڌي پئي. ان لاڙي کي ئي عالمي ڪوسائپ
چئجي ٿو.
سڀ سائنسدان ان
ڳالهه تي متفق ناهن ته ڪو عالمي ڪوسائپ ٿئي پئي. ڪجھ چون پيا ته اهو ڄاڻڻ ناممڪن
آهي ته مجموعي طور فضا بدلجي پئي. ڇا به هجي، گرمي پد (ٽيمپريچر) ڏينهون ڏينهن ۽
سالئون سال وڌي پيو. اڪثر سائنسدان چون ٿا ته اهو لاڙو وڌندڙ آهي. تاءَ ڀريا ڏهاڙا
وڌيڪ ڪوسا آهن ۽ ٿڌا ڏينهن اڳ جهڙا ٿڌا ناهن. اهي ڌيان ڏيارائن ٿا ته گذريل صديءَ
جا 10 ڪوسا سال 1980ع کان پوءِ ٿيا آهن. ٽي گرم ترين سال 1990ع کان پوءِ آيا، ۽
1998ع اهو سال آهي جيڪو وڌ ۾ وڌ ڪوسو رهيو.
انهن سائنسدانن
موجب، ڌرتي گذريل 100 سالن دوران اٽڪل هڪ ڊگرِي فهرنهائيٽ (0.6 ڊگري سينٽيگريڊ)
تَپي آهي. هنن موجب، ان جو تناسب وڌي پيو. اڄ کان 100 سال پوءِ، ڌرتي 10 ڊگريون کن
وڌيڪ تتل هوندي!
عالمي ڪوسائپ جا ڪارڻ
سج جي روشني
ڌرتيءَ تي توانائي آڻي ٿي. اها روشني جڏهن ڌرتيءَ تي لڳي ٿي ته گرميءَ (Heat)
۾ بدلجي ٿي، پوءَ وري اها گرمي ٿوري ٿوري ٿِي، ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان پرتي ٿيڻ لڳي
ٿي، پر وايومنڊل ان عمل کي ڍِلو ڪري ڇڏي ٿو. اهو وايومنڊل ڌرتيءَ چَوڦير هوا جو هڪ
تهه آهي، جيڪو ڪجھ گرمائش روڪي ڇڏي ٿو.
وايومنڊل مختلف گئسن جو ميڙ آهي. گذريل
250 سالن دوران، اهو ميڙ بدليو آهي. ان ۾ گئسن جو مقدار، جھڙوڪ مِيٿينِ ۽ ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ، وڌيو آهي. اهي گئسون ٻين گئسن جي نسبت ۾ گرميءَ کي وڌيڪ روڪي وٺن
ٿيون. اهي وايومنڊل کي اهڙو بنائن ٿيون جيئن گِرين هائوس (Green House)
۾ آئينو/شيشو ڪم ڪري ٿو، جيڪو روشنيءَ کي اندر ته ڪَري (ڌِڪي) ٿو پر گرميءَ کي
ٻاهر وڃڻ نه ٿو ڏي، جنهنڪري مٿاڇري تي گرمي وڌي ٿي.
وايومنڊل ڇو پيو بدلجي؟
ماڻهو ئي آهن
جيڪي وايومنڊل بدلائن پيا. اهي تبديليون سوين سال اڳ شروع ٿيون جڏهن ماڻهن ٻيلا
وَڍڻ ۽ ڪاٺ ساڙڻ شروع ڪيو. ڪارُن ۽ ٻين مشينن جي ايجاد وايومنڊل ۾ گرين هائوس گئسن
جو مقدار وڏي تعداد ۾ وڌايو آهي. اهي مشينون ڪاٺَ، ڪوئلي، تيل ۽ قدرتي گئس جهڙو
ٻارڻُ (فيُوئل) ٻارن ٿيون. جڏهن اهي ٻارڻَ ٻرن ٿا ته اهي وايومنڊل ۾ ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ شامل ڪن ٿا. مِيٿين ڪوئلي مان ٺهي ٿي.
هاڻ هوا ۾،
1750ع جي نسبت ۾، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٽيڻ تي وڌيڪ آهي ۽ ميٿين جو مقدار ٻيڻو ٿيو
آهي.
ڇا عالمي ڪوسائپ نقصانڪار آهي؟
عالمي ڪوسائپ
قُطبن (Poles) وٽ برف رجائي سگھي ٿي، جنهن سان سامونڊي
سطح وڌندي، جنهن سبب وڌيل پاڻي سنوَن (مسطح) سامونڊي ڪنارن کي پائي ڇڏيندو ۽ ماڻهن
کي رهڻ ۽ اَن اُپائڻ لاءِ ٿوري زمين ميسر هوندي.
ٻوٽا ۽ جانور
پنهنجي فضا موجب زندگي گذاريندا آهن. جيڪڏهن اها فضا تڪڙي بدلبي ته گھڻا ئي ٻوٽا ۽
جانور ان لائق نه هوندا ته ان فضا ۾ جيئرا رهي سگھن. نتيجي ۾ ڪجھ جنسون فوري طور
مري وينديون. ٻيون ٿڌين فضائن ڏانهن وڌنديون جتي انهن کي، اتي اڳ موجود جنسن سان
جھيڙڻو پوندو.
ڇا عالمي ڪوسائپ روڪي سگھجي ٿي؟
ڪاٺَ، ڪوئلي،
تيل ۽ قدرتي گئس کي گھٽ ٻارڻ سان عالمي ڪوسائپ کي روڪڻ ۾ مدد وٺي سگھجي ٿي.
سائنسدان صلاحون ٿا ڏين ته ماڻهو روشنيءَ، هوا، ڇولين، نيوڪليئر توانائيءَ ۽ ٻين
اهڙن ذريعن سان جيڪي ٻرن نه ٿا، مان وڌيڪ توانائي حاصل ڪن. توانائيءَ جا اهڙا
ذريعا هوا ۾ گرين هائوس گئسن جي نه هئڻ ۽ بنهه ٿورڙي مقدار کي وڌائڻ ٿا.
سائنسدان چون ٿا
ته عالمي ڪوسائپ کان بچاءَ وڻ مدد ڪري سگھن ٿا. سڀئي اسرندڙ ٻوٽا هوا مان ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کڻن ٿا ۽ وڻ خاص ڪري اهو ڪم بهتر طريقي سان ڪن ٿا. اهي ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ مان ڪاربان کي ڪاٺ ۾ بدلائن ٿا ۽ آڪسيجن ٻاهر ڪڍن ٿا. ويجھڙ وارن
سالن ۾، ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ ٻيلن ۽ جھنگن کي وڍيو آهي. سائنسدانن موجب وڏا نوان
ٻيلا لڳائڻ ضروري ٿي پيو آهي.
ٿيو ڇا آهي؟
1997ع ۾، جپان جي شهر ڪيوٽو (Kyoto)
۾ 160 ملڪن جا عملدار مِڙيا. هنن هڪ ٺاهه لکيو جنهن کي ”ڪيوٽو عهدنامو“ چئجي ٿو. جن ملڪن ان تي صحيحون ڪيون تن واعدو ڪيو ته اهي
2012ع تائين ’پنڊ پاهڻ ٻارڻ‘ (fossil fuel) جھڙوڪ ڪوئلي،
تيل ۽ قدرتي گئس جو 5 سيڪڙو گھٽ استعمال ڪندا، پر 2002ع ۾ آمريڪا ان ٺاهه تي صحيح
ڪرڻ کان جواب ڏنو ۽ روس پڻ صحيح نه ڪئي. آمريڪا ۽ روس کان سواءِ
ان ٺاهه تي عمل ممڪن ناهي.
ٻيلا ۽ جھنگ ختم ڪرڻ:
اميزون جي جھنگن ۾ ٻيلن کي ساڙڻ ۽ وڍڻ سان عالمي ڪوسائپ وڌي آهي. وڻ ساڙڻ سان
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺهي ٿي، جيڪا ڌرتيءَ جي فضا ۾ گرميءَ کي روڪي ٿي. وڻ وڍڻ
سان ٿورا وڻ بچندا جيڪي هوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا.
عالمي ڪوسائپ: عالمي ڪوسائپ جو اصطلاح ڌرتيءَ
جو وڌندڙ گرمي پد جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو خاص ڪري گذريل وِيهن سالن کان وڌيو آهي.
عالمي ڪوسائپ جو مکيه ڪارڻ هوا جي گدلاڻ آهي جيڪا ڪارُن (گاڏين) ۽ فيڪٽرين جي ڪري
وڌي آهي. هيءَ تصوير برازيل ۾ هوا جي گدلاڻ کي ظاهر ڪري ٿي.
ڪوئلي جو ٻرڻ:
عالمي ڪوسائپ ۾ واڌ جو مکيه سبب ڪوئلي جو ٻرڻ آهي. هن
فوٽوءَ ۾، ڪوئلي جو وڏو ڍڳ ڏيکاريل آهي جيڪو ان پاور پلانٽ ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪيو
ويندو جيڪو تصوير ۾ ڏيکارجي پيو.
بنگلاديش ۾ ٻوڏ:
سامونڊي سطحن جي وجھو وارا ملڪ، جھڙوڪ بنگلاديش، وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيندا ۽
ايتري قدر جو لُڙهي به ويندا، ڇو ته عالمي ڪوسائپ سمنڊن جي سطح مٿي پئي ڪري. هن
تصوير ۾، ٻوڏن بنگلاديش جي ڪجھ حصن کي ٻيٽن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
No comments:
Post a Comment