’سائنسي سوچ‘ جو
پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران
”ماحول جو عالمي ڏهاڙو“ ملهايو ويو
ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر پاران 5-جُونِ 2008ع تي، خميس ڏينهن، شام جو ڇهين وڳي، ماحول جي
عالمي ڏهاڙي جِي نسبت سان، قنبر شهر ۾، پٺاڻ مسجد ويجھو قائم اڪيڊميءَ جي آفيس کان
واڪ جي شروعات، اڪيڊميءَ جي چيئرمئن خادم حسين رند جي اڳواڻيءَ ۾ ٿِي. واڪ جو مقصد
ماحول کي درپيش خطرن کان شهرين کي آگاهي ڏيڻ ۽ ماحول-دوست اپاءَ وٺڻ هو. هن واڪ ۾
قنبر جي سماجي، ادبي ۽ استاد ۽ شاگرد برادريءَ سان واڳيل شخصيتن شرڪت ڪئي. نمايان
شخصيتن ۾ آتش سنڌي، محمد عظيم سومرو، پروفيسر اشرف علي ميمڻ، رياضت ٻرڙو، ثقلين
لاشاري، فدا حسين ميرجت، قمرالدين قمر، ذوالفقار ڪلهوڙو، امتياز احمد مغل، زاهد
حسين ڀٽو ۽ ٻيا شامل آهن. واڪ ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر تي خوبصورت اکرن ۾ لکيل هو: اچو
ته ڌرتي بچايون، ماحول سنواريون، زندگي بچايون، 5-جُون: ماحول جو عالمي ڏينهن. ان
موقعي تي اڪيڊميءَ پاران پمفليٽ پڻ ڇپايا ويا هئا، جيڪي شهرين ۾ ورهايا پئي ويا.
پمفليٽ تي ماحول کي درپيش خطرن بابت آگاهي ڏيندي ڄاڻايو ويو هو ته ڪهڙيءَ طرح
پنهنجي ماحول کي سنوارڻ ۾ اسين پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا.
اڪيڊميءَ پاران ڪيل هيءَ اهم واڪ
شهر جي مختلف رستن، جهڙوڪ ريشم گھٽي، نيرولي بازار، سونارا بازار، شاهي بازار،
شِوالي، پوسٽ آفيس روڊ، سينيما روڊ، جناح باغ کان ٿيندي پريس ڪلب تائين پهتي، جنهن
کان پوءِ مين روڊ وٺي واپس اڪيڊميءَ جي آفيس تي پُوري ٿي. واڪ ۾ شهرين وڏي
دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪيترائي اهم شهري واڪ دوران شريڪ ٿيا، جن ۾ استاد بشير
احمد لاکو، پروفيسر شبير حسين سومرو، ”ڊاڪٽر“ رفيق منگي ۽ فدا حسين گوپانگ اهم
آهن.
ان موقعي تي اڪيڊميءَ جي چيئرمئن ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي ڌرتيءَ
کي وڌ ۾ وڌ سهڻو بڻايون ۽ ماحول کي سنواريون. ان لاءِ گھڻي کان گھڻا وڻ ۽ ٻُوٽا
پوکيون، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال ترڪ ڪيون ۽ گندگيءَ کي ختم ڪيون. اڪيڊميءَ جي
وائيس چيئرمئن امتياز احمد مغل چيو ته اسان کي پاڻ ئي پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائڻ
لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هر ماڻهو جيڪڏهن هڪ وڻ لڳائي ان جي سار سنڀال لهي ته اسان جي
ڌرتي ساوڪ سان ڀرجي وڃي ۽ گرمي پد گھٽجي وڃي. (ادارو)
No comments:
Post a Comment