ليکڪ: عبدالخالق ميڻو
ذهني ورثو / عقلي ملڪيت
ذهني ورثي/عقلي ملڪيت (Intellectual
Property) جو مطلب آهي ته اهڙو اصلي (اوريجنل) تخليقي ڪَمُ/تخليق جنهن کي اقتصادي/معاشي اهميت هجي ۽
اهو قانون تحت محفوظ ٿيل هجي. ذهني ورثي جا قانون (Intellectual Property Laws) اصلي تخليقي ڪم جي تخليقڪار کي سندس اجازت کان سواءِ ٻين کي ان جي ڪَمَ/تخليقَ کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا تقسيم/ڦهلائڻ کان روڪن ٿا. اِهي قانونَ تخليقڪارن کي سماج لاءِ وڏا فائديمند سائنسي
۽ تخليقي ڪم پيش ڪرڻ جي عيوض مالياتي فائدا مهيا ڪن ٿا. ڪجهه ذهني ورثي جا قسمَ تخليق ٿيڻ جي وقت ئي خود بخود تحفظ ۾ ايندا آهن، ٻيا قسمَ سرڪار جي ڪنهن اداري کان تحفظ مهيا ڪرڻ جِي مخصوص گُهر ڪندا آهن. تقريباً سڀني ملڪن ۾ ذهني ورثي کي تحفظ ڏيڻ جا قانون آهن، تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ ذهني ورثي جا قانون اثرائتي انداز ۾ ڪو نه ٿا عمل ۾ آڻن ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پنهنجي لاءِ
۽ ٻين لاءِ وڏين ڏکيائين جو سبب بڻجن ٿا.
ذهني ورثو ٻين ملڪيتن کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته اهو انساني دماغ جي
تصورن، خيالن جي غير محسوس ٿيندڙ/اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي پيداوار آهي. ذهني ورثي جي غير طبعي وغيره هجڻ ڪري ڪيترائي
ماڻهو ان کي ساڳئي وقت بنا ڪنهن مسئلي جي استعمال ڪري سگهن ٿا. مثال طور فقط هڪ ئي
شخص هڪ ڪار کي ساڳئي وقت هلائي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ناشر هڪ ڪتاب شايع ڪري ٿو ته
ساڳئي وقت ڪيترائي ماڻهو ان ڪتاب کي ساڳئي وقت پڙهي سگهن ٿا. ذهني ورثي کي تخليق ڪرڻ
کان نقل ڪرڻ تمام سولو آهي. ڪنهن ناول کي لکڻ يا ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهڻ ۾
ڪيترائي مهينا لڳي وڃن ٿا، پر فوٽو ڪاپي مشين ۽ ڪمپيوٽر سان ٻيا ماڻهو ان کي ٿورن ئي منٽن ۾ نقل
ڪري سگهن ٿا. ذهني ورثي جي تحفظ واري قانون جي نه هئڻ ڪري، اصلي تخليقڪارن کي ڪو به معاشي
فائدو ڏيڻ کان سواءِ، ڪنهن به اصلي شَي کي نقل ڪرڻ ۽ ان کي تمام سستي اگهه ۾ کپائڻ تمام
سولو ٿيندو. قانوني نظام ان مسئلي کان نجات ڏياري ٿو يعني اصلي تخليقڪار جي اجازت کان
سواءِ، ٻين کي سندس تخليق کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا ڦهلائڻ کان روڪي ٿو.
ذهني ورثي جي تحفظ وارا
ڪيترائي حقَ هڪ مخصوص مدي کان پوءِ ختم ٿي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح، اصلي ڪم جي تخليقڪار کي مناسب معاوضو/انعام ڪمارائڻ کان پوءِ ئي، سماج ان جي ڪم مان فائدو وٺي سگهي ٿو. مثال طور، ڪنهن جي ايجاد
جي حق ايجاد جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪو به صنعتڪار سندس ايجاد کي سماج جي ڀلائي لاءِ، ان جي تخليقڪار
کي بنا ڪنهن معاوضي ادا ڪرڻ جي تيار ڪري، مارڪيٽ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. ذهني ورثي جي حقن ۾
واپاري مارڪي/ڇاپ جي تحفظ واري قانون ۾ مدو مقرر نه هوندو آهي. واپاري مارڪي/ڇاپ
وارو حق ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، ايستائين جو ان جو حق رکندڙ پنهنجي شَي لاءِ استعمال
نه ٿو ڪري.
اڄڪلهه، ذهني ورثي جي نظامَ ۽ قانون، ملڪ جي معاشيات کي
هڪ نئون رخ ڏنو آهي. ان کي ملڪ جي ترقيءَ ۽ ناڻي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور اوزار جيان ڄاتو
وڃي ٿو. اها؛ غير محسوس ٿيندڙ/اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي شين جهڙوڪ ڄاڻ، معلومات ۽ اطلاعن جي مخصوص استعمال ۾ ملوث
آهي. غير طبعي هجڻ ڪري ان کي تڪڙو ڀاڱي ڀائيوار (Share) ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي معاشي ترقيءَ جي هڪ وڏي سبب/عامل (Driving
Force) جيان ڄاتو وڃي ٿو. ذهني ورثي جو تعارف/سڃاڻپ 15 صديءَ کان آهي، ته اها ايجاد ۽ تخليق جي عيوض ان
جي مالڪ کي معاشي انعام جي صورت ۾ همٿائي ٿي ۽ پوءِ اهي وڌيڪ ايجاد ۽ تخليق جي ڪمن کي تحرڪ ڏين ٿا، نتيجي ۾ ملڪ ۾ معاشي
سگهه اچي ٿي. ڇاڪاڻ جو ذهني ورثو تحقيق ۽ ترقيءَ(Research & Development) تي اثر انداز ٿئي ٿو.
اهو عام طور تي مڃيو وڃي ٿو ته ڄاڻ ۽ نواڻ/جدت دنيا جي موجوده
معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان جو خاص طور تي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه ملڪن جي ڪيل ترقيءَ مان اندازو
لڳائي سگهون ٿا. انهن ملڪن ۾، ڄاڻ ۽ معلومات جي تڪڙي تخليق ۽ نئين
ٽيڪنالاجيءَ جي اوسر ۽ ظهور، ذهني ورثي واري پاليسين جي تبديلي ۽ نون اختيارن جو سبب بڻي، جن ترقيءَ کي زور وٺرايو. اهي
ترقيءَ جا همٿائيندڙ نمونا، اها صلاح ڏين ٿا ته هڪ ٺيڪ ٺاڪ ذهني ورثي جو نظام ٻاهرين
سيڙپڪاريءَ کي موهڻ لاءَ چاٻي مِثل آهي. برازيل ان سلسلي ۾ حقيقي مثال آهي، جتي 1996ع ۾ نوان ذهني ورثي جا قانون
متعارف ڪرائڻ سان ٻاهرين سيڙپڪاريءَ ۾ حيرت انگيز ترقي
ٿي.
ڪمپنين کي پنهنجن ايجادن کي حق ايجاد (Patents) جي ذريعي تحفظ ڏيارڻ جو رجحان ساڳيءَ طرح پوريءَ دنيا ۾ وڌي ويو آهي. اهو خاص
طور تي جپان، آمريڪا ۽ يورپي يونين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. مثال طور: جپان سرڪار، مختلف ڪمپنين جا 10 لک حقِ ايجاد منظور ڪرڻ ۾ 95 سال لڳايا، جڏهن ته ٻيا 10 لک حقِ ايجاد منظور ڪرڻ ۾ ان صرف 15 سال لڳايا. اهڙي قسم جو ساڳيو رجحان/لاڙو دنيا ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي
ٿو.
افسوس سان چوڻو
ٿو پوي ته اها حقيقت آهي ته
ذهني ورثي جي اصطلاح جو استعمال وڌي رهيو آهي، پر اڃا تائين
ان بابت ٿورو ڄاتو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اهو اڻ واضح قانوني ويچار آهي جنهن
جو ڏهاڙيءَ واري زندگيءَ سان تمام ٿورو واسطو آهي. ذهني ورثي لاءِ
اهو پڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو ته اهو بازاري/مارڪيٽي مقابلي کي روڪڻ جو هڪ اوزار آهي. جڏهن ته اهو ملڪيتي حقن جو محافظ آهي ۽
نامناسب استعمال کي روڪي ٿو. ذهني ورثو ڪنهن به اداري کي پنهنجي بازاري/مارڪيٽي مقابلي جي مستقليءَ ۽ مستقبل جي
ڪارڪردگي لاءِ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي، تنهنڪري
ان کي سرڪاري توڙي نجي ادارن جي ڳجهي ملڪيت پڻ سڏيو وڃي ٿو.
قانوني مسئلا
ذهني ورثي کي هميشه قانون
جي هڪ اڪيلي شعبي جيان نه ڄاتو ويو آهي. تاريخ مطابق ايجادن، حقِ تصنيف ۽ واپاري مارڪي/ڇاپ وارا شعبا
انفرادي طور اڀريا. ويهين صدي جي آخر ۾، تنهن هوندي به، قانوني ماهرن اهو ڄاڻڻ
شروع ڪيو ته انهن قانون جي مختلف شعبن کي پاڻ ۾ عام ۽ وڏو وهنوار آهي، ڇاڪاڻ جو اهي
سڀ انساني دماغ جي اڻ ڇهجندڙ/غير طبعي پيداوارن سان واسطو رکن ٿا. ان جي هوندي به، هڪ قانوني
وڪيل اڪثر ڪري ذهني ورثي جي ڪنهن به هڪ ئي شعبي ۾ مهارت رکندو. جهڙوڪ: حقِ ايجاد جي تحفظ
وارو قانون ۽ ذهني ورثي جي قانون جي ٻين شاخن جا قانوني اصول تمام گهڻو مختلف آهن.
ذهني ورثي جي سڀني شاخن ۾، قانوني نظام ٻن تقابلي ويچارن ۾ هڪ توازن قائم
ڪرڻ گهري ٿو/ڳولي ٿو. هڪ طرف، تحفظ ايترو ڪافي مضبوط هئڻ گهرجي جو ليکڪن ۽ ايجاد ڪندڙن
کي همٿائجي، ته جيئن گهربل ڪوشش ۾ نواڻ اچي. ٻئي پاسي تي، اهو پڻ ضروري آهي ته قانون؛ ٻين جي ذهني ورثي کي ڪجهه آزاديءَ سان استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي. اهو ان ڪري ته فنڪاراڻي، ٽيڪنيڪي ۽
واپاري ترقي هميشه ٻين جي ڪم تي تعمير گهرندي آهي. هن توازن کي ٽوڙڻ سان، ذهني ورثي جي قانون جون
سڀ شاخون تخليقڪارن تي عام
حق بخشين ٿيون پر کوڙ ساترين اجازتن سان انهن
حقن تي هڪ حد پڻ مقرر ڪن ٿيون. مثال طور، حقِ ايجاد واري قانون ۾ هڪ سائنسدان تجربن لاءِ ٻين جي
ايجاد کي استعمال ڪري سگهي ٿو. ساڳيءَ طرح حقِ تصنيف وارو قانون ڪنهن به تبصري ۾ هڪ ادبي تنقيد لاءِ
ڪنهن ناول جو اختصار بيان ڪرڻ جي اجازت
ڏئي ٿو. واپاري مارڪي/ڇاپ واري قانون تحت، هڪ ڪمپني پنهنجي تقابلي اشتهار ۾
مقابلي ڪندڙ جي ڇاپ استعمال ڪري سگهي ٿي. انهن سڀني رستن ۾، ذهني ورثي جا قانون
تخليقڪارن جي ملڪيتي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ايترو ڪافي
لچڪدار هئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جو انهن تحفظ ٿيل ڪمن مان عوام کي فائدي وٺڻ لاءِ اجازت
ڏين ٿا.
آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ذهني ورثي بين الاقوامي
ٽيڪنالاجيءَ ۽ واپار ۾ زبردست تحفظ حاصل ڪيو آهي. تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ جعلي عقلي
ملڪيت جي شين جو بنا کُٽڪي وڪرو ۽ واهپو ڪري رهيا آهن، جهڙوڪ: ڪمپيوٽر
سافٽ ويئر/پروگرام، فلمون، ايستائين جو حقِ ايجاد
يافته دوائون. ذهني ورثي جي حقن جي ڀڃڪڙي هر سال کربين رپين جو نقصان رسائي ٿي.
اهو نقصان انهن جعلي شين جي ڪري مارڪيٽ ۾ کپت ۽ معاوضي تي غلبو رکي
ٿو. اهڙي حالت جي ڪوشش ۾ دنيا جي اڪثر قومن سن 1994ع ۾ هڪ معاهدي ٽرپس (TRIPS،Trade Related Aspects of
Intellectual Property Rights) تي صحيحون ڪيون. ٽرپس جو انتظام دنيا جي تجارتي اداري ڊبليو.ٽِي.او. (WTO) وٽ آهي ۽ هاڻ ان دنيا ۾ ذهني
ورثي جي قانوني حقن جي تحفظ کي مضبوطي وٺرائي آهي. آمريڪا ٻين ملڪن سان سڌن معاهدن تي
ڳالهيون ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي، جهڙوڪ چين، جتي جعلسازي خاص طور تي تمام گهڻي آهي.
ڪمپيوٽر تي ٻڌل مواصلات ذهني ورثي وارن قانونن لاءِ هڪ
غير معمولي للڪار (چيلينج) پيش ڪري ٿي. مثال طور، لکڻيون (Text)، موسيقي، ۽ تصويرون وڌيڪ آسانيءَ ۽ سستائپ سان
نقل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن اهي انٽرنيٽ تي فراهم ڪيون وڃن ٿيون. آمريڪي سرڪار ان ڏس ۾ اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ مطالعو ڪيو آهي ته ذهني ورثي جي نوَن نمونن لاءِ ڪهڙيون تبديليون ضروري هونديون. پر اهو طَي نه ٿي سگهيو آهي ته قانون ۾ ڪهڙيون تبديليون اختيار ڪيون وڃن.
ذهني ورثي جي قانون جي تاريخ
ڪجهه ذهني ورثي جا قسم، جهڙوڪ
واپاري مارڪو/ڇاپ قديم دور کان موجود هئا، پر ان جي لاءِ جامع
قانوني تحفظ 18 صديءَ تائين عام نه ٿيا. آمريڪي قبضي وارين رياستن ۾ سال 1775ع ۾ آمريڪي انقلاب
اچڻ کان گهڻو اڳ حقِ ايجاد وارا قانون منظور ٿيل
هئا. انقلاب کان پوءِ جلد ئي، سڀني رياستن ۾ حقِ تصنيف جا قانون
اختيار ڪيا ويا.
جڏهن آمريڪا ۾، سال 1789ع ۾ آئين (Constitution) منظور ڪيو ويو ته ان ڪانگريس کي اها منظوري ڏني
ته ”ليکڪن ۽ ايجاد ڪندڙن کي پنهنجين لکڻين ۽ ايجادن لاءِ هڪ مخصوص مدو ۽ نج حق ڏيندي، سائنسي ۽ ڪارآمد فنن جي ترقيءَ کي زور وٺرائي“. هن منظوري هيٺ، ڪانگريس سال 1970ع ۾ ٻَئِي حقِ ايجاد ۽ حقِ تصنيف قانون اختيار ڪيا.
ڪانگريس ان کان پوءِ اڪثر ڪري ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات جي تبديلن جي موٽ ۾ وقت به وقت
ذهني ورثي جي قانونن ۾ ڦيرگير آندي آهي.
ان لاءِ مقرر ٿيل ڪاميٽين جي ذميداري آهي ته اهي ذهني ورثي واري تحفظ جي قانونن کي وقت به وقت تازو رکن.
19 صديءَ ۾ ذهني ورثي جي حقن لاءِ
بين الاقوامي تحفظ وارا معاهدا قائم ڪيا ويا. مثال طور، سال 1886ع ۾ برين ڪنوينشن
(Brene Convention) فنڪاراڻن ۽ ادبي ڪمن کي ميمبر ملڪن اندر تحفظ ڏنو. ان کان پوءِ، ذهني ورثي جي حقن لاءِ ڪيترائي بين الاقوامي تحفظ وارا معاهدا قائم ڪيا ويا. ويپو (WIPO،World Intellectual Property
Organization) جنهن جو جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ قيام آهي، ڪجهه اهڙن ئي قسمن جي معاهدن جو انتظام ڪري ٿو.
No comments:
Post a Comment