Friday, 8 November 2013

ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي؟ - سنڌيڪار: صائمه رند (Saima Rind)


ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي؟
سنڌيڪار: صائمه رند
پڙهائي سکڻ، ٻولي سکڻ وانگر ناهي. ٻوليءَ جو اچڻ ’فطرتي‘ آهي، جڏهن ته پڙهڻ جو مامرو جدا ٿئي ٿو. پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۽ هدايتن جي گھرج پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته پڙهڻ ڪو فطرتي عمل نه آهي.
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ وارو ٻار، ڪتابن سان چاهه، ان صورت ۾ ئي رکي سگھي ٿو، جڏهن هُو پڙهڻ لڳي ٿو. ٻارُ پڙهڻ جي عادت تڏهن سکي ٿو، جڏهن هُو پنهنجي ماحول ۾ ڪتاب ڏسي ٿو يا وري وڏن کي پڙهندي ڏِسي ٿو.

ڌرتي گرهه - ترجمو: جاويد حسين وڌو (Javed Hussain Wadho)


ڌرتي گرهه
(Planet Earth)

ترجمو: جاويد حسين وڌو

جيڪڏهن توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته گِرهه (پلانيٽ/Planet) ڪيئن هوندو آهي، ته پوءِ توهان کي تمام گھڻو پري ڏسڻو ڪو نه پوندو، ڇو ته توهان هڪ گرهه تي ئي رهو پيا. ڌرتي سج-سرشتي (Solar System) جي نون گرهن مان هڪ گرهه آهي. گرهَه ٽَڪر (Rock)، ڌاتو (Metal) ۽ گئسن (Gases) جا ٺهيل وڏا گولا آهن، جن کي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪا روشني  نه ٿيندي آهي.
ڪنهن حد تائين اسان جي گرهه (ڌرتي) ۽ ٻين گرهن ۾ ڪو فرق نه آهي. جيئن عطارد (Mercury)، زهره (Venus) يا مريخ (Mars) وانگر ڌرتي گھڻو ڪري ٽَڪر سان گڏ مرڪز (Center) ۾ ڌاتوءَ جو ڳڀ (Metal Core) رکندڙ آهي. زهره ۽ مريخ وانگر ڌرتيءَ جي چوڌاري گئسن جو واءُ منڊل (Atmosphere) آهي ۽ ڪــيتــرن ٻيــن گــرهـن، جـھــڙوڪ مـــــشــتــري (Jupiter) يا زحل (Saturn) وانگر ڌرتيءَ کي به هڪ چنڊ آهي.

ماکيءَ جا طبي فائدا - قربان علي راڄپر (Qurban Ali Rajper)


ماکيءَ جا طبي فائدا
ليکڪ: قربان علي راڄپر

ماکي هڪ بهترين غذا هئڻ سان گڏ رت صاف ڪندڙ، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين ڪيترين ئي اندرين توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو هڪ بهترين علاج آهي. هتي ماکيءَ جي ڪن فائدن ۽ ان جي استعمال جو بيان ڏجي ٿو. جنهن مان ماکيءَ جي انيڪ خوبين جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال پڻ ڪري سگهجي ٿو.
بهترين خوراڪ: بهترين خوراڪ جي حيثيت سان هر روز صبح ۽ شام جو ماکيءَ جو، هڪ کائڻ وارو چمچو مکڻ جي پسند آهر مقدار سان کائڻ گهرجي.

ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن - ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


1901ع ۾ فزڪس جي شعبي ۾ نوبل پرائز حاصل ڪندڙ سڄاڻڪ/سائنسدان
 ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن
(Wilhelm Conrad Roentgen)
ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو
سائنسي سوچ“ جي پڙهندڙن لاءِ، موجوده شماري کان، فزڪس، ڪيمسٽري، ۽ طب ۽ ميڊيسن جي شعبن ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانن جي جيوَن ڪٿا ۽ سندن ڪم بابت مختصر تحريرن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ شروعاتي طور فزڪس کان اڳڀرائي ڪيون پيا. جيئن ته انهن سائنسدانن جو انگُ چڱو چوکو آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪبي ته آئنده هر شماري ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن دوران نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدانن جو ضروري احوال اچي سگھي.
ايڪس ريز جي اتفاقي کوجنا سبب فزڪس جي شعبي ۾ مشهوري ۽ 1901ع ۾، پنهنجيءَ ان کوجنا سبب، فزڪس جو پهريون نوبل انعام ماڻيندڙ هيءُ سائنسدان وليم ڪونراڊ روئنٽجن 27 مارچ 1845ع تي، جرمنيءَ جي شهر لينيپ (Lennep) ۾ ڄائو، پر هُو نيڌرلئنڊ ۾ پلجي وڏو ٿيو. هن زيورچ (سئٽزرلئنڊ) جي فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪـنالاجـيءَ مان 1868ع ۾ مـڪـينيـڪـل انجـنيـئرنگ جـي ڊگـري حـاصـل ڪـئي ۽ زيورچ يونيورسٽيءَ مان 1869ع ۾ فزڪس ۾ پِي ايڇ. ڊِي. (Ph.D.) ڪئي.

ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات
چونڊ ۽ ترجمو: رياضت ٻرڙو

س: آرڪٽ (Orkut) ڇا آهي؟
ج: آرڪٽ آن لائين بِرادري/نيات آهي جيڪا پنهنجن رُڪنن/ميمبرن کي هڪ ٻئي سان سلهاڙي ٿي ۽ بحث مباحثا ڪري ٿي. اتي توهان هڪ ٻئي کي اِي ميل ڪري سگھو ٿا ۽ خاص الخاص ته توهان مختلف ٽولا/گروپ جوڙي، نوَن دوستن سان ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون وغيره ڪري، پنهنجو وسيع سماجي سلسلو (نيٽ ورڪ) ٺاهي سگھو ٿا. آرڪٽ ويجھن رابطن واري اهڙي نيات آهي جنهن ۾ توهان تڏهن شامل ٿي سگھو ٿا، جڏهن ان نيات جو ڪو ٻيو رڪن توهان کي ڪوٺ ڏي. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به آرڪٽ رڪن جي ڄاڻ ناهي ته ويب سائيٽ تي جھٽ کن ترسو، ستت ئي توهان کي ڪوٺ ملي ويندي، ته اچي شريڪ ٿيو. آرڪٽ بابت وڌيڪ ڄاڻ ان جي هن ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي: www.orkut.com

Saturday, 14 September 2013

سائنسي ذهن - جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو (Nusrat Bano)


جِي. ايم. مهڪرِي/نصرت بانو            
سائنسي ذهن
انساني ذهن بابت نفسي علم جي اصولن هيٺ جيڪي لکين تجربا ڪيا ويا آهن، انهن اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي ته ماڻهوءَ جي هر چڱي ڀلي ٻار جو دماغ فطري طرح سائنسي آهي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان هر هنرمندي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ ماهر آهي. رڳو ايترو ئي نه، پر پنهنجو پاڻ نيون شيون ٺاهڻ ۽ ايجاد ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. ان ڪري ماڻهوءَ-ذات حيوانن جي دنيا کان ڌار ۽ ٻي نموني جي مٿير ۽ موچاري آهي، پر خرابي اها آهي ته ايڏي مٿير ۽ ماهر ساڃاهه ۽ ڏات سولائيءَ سان دَٻجي بيڪار ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. 

طبعي جاگرافي - رضوان گل (Rizwan Gul)


ليکڪ: رضوان گل
طبعي جاگرافي (Physical Geography)

سائنس جي شعبي جاگرافيءَ جي نهايت ئي اهم شاخ، طبعي جاگرافي آهي. بنيادي طور، جاگرافي ٻن اهم شاخن ۾ ورهايل آهي: 1. طبعي جاگرافي، ۽ 2. انساني جاگرافي (Human Geography). انهن ٻن اهم شاخن کي وڌيڪ ٻين ڪيترين ئي شاخن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو جدا جدا مطالعو ڪيو ويندو آهي.
ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، ته بنيادي طور جاگرافي آهي ئي طبعي جاگرافي! جيتوڻيڪ مختلف دَورن ۾ جاگرافيءَ جي مستند ۽ متفقه تشريح بابت بحث هلندا رهيا آهن، پوءِ به اڄ تائين هن شعبي جي ڪينواس جون حدون طَي ٿي ناهن سگهيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته هي علم به ايترو ئي وسيع آهي جيتري هيءَ ڌرتي وسيع آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافيءَ ۾ ۽ خاص طور طبعي جاگرافيءَ ۾ ته هر ان زميني حصي جو مطالعو ڪيو ويندو آهي جيڪو اسان جي ڌرتيءَ جي گولي تي موجود آهي.

ننڊ ۽ اوجاڳو - عبدالوحيد ميمڻ (Abdul Waheed Memon)


تحرير: عبدالوحيد ميمڻ

ننڊ ۽ اوجاڳو

 ننڊ ڇا آهي ۽ ننڊ دوران ڪهڙا ڪهڙا جسماني عضوا آرام ڪندا آهن يا ڪم ڪندا آهن؟ انهن ڳالهين تي گهڻي وقت کان تحقيق ٿي رهي آهي، پر اڃا تائين سڀني حقيقتن جي پوريءَ طرح خبر پئجي نه سگهي آهي.
ننڊ جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ ڪي غلط فهميون پکڙيل آهن جن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. تجربن ذريعي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ننڊ جي ضرورت کاڌي پيتي کان به وڌيڪ آهي. هڪ روسي پروفيسر انهيءَ سلسلي ۾ ڪتي جي گُلرن تي ننڊ جا تجربا ڪيا هئا. هن ڇا ڪيو جو ڪِن گلرن کي کاڌي پيتي جون ته سڀ شيون ڏنائين، پر انهن کي اوجاڳو به ڪرايائين، ۽ ڪن گلرن کي کاڌي پيتي جون شيون نه ڏنائين پر ننڊ جا سمورا موقعا ڏنائين. هن ڏٺو ته اوجاڳي ماريل گلر ته پنجنِ ڏينهن اندر مري ويا، پر کاڌي پيتي کان محروم گلر ويهن ڏينهن تائين به زنده رهيا.

ذهني ورثو / عقلي ملڪيت - عبدالخالق ميڻو (Abdul Khaliq Meno)


ليکڪ: عبدالخالق ميڻو
ذهني ورثو / عقلي ملڪيت
ذهني ورثي/عقلي ملڪيت (Intellectual Property) جو مطلب آهي ته اهڙو اصلي (اوريجنل) تخليقي ڪَمُ/تخليق جنهن کي اقتصادي/معاشي اهميت هجي ۽ اهو قانون تحت محفوظ ٿيل هجي. ذهني ورثي جا قانون (Intellectual Property Laws) اصلي تخليقي ڪم جي تخليقڪار کي سندس اجازت کان سواءِ ٻين کي ان جي ڪَمَ/تخليقَ کي نقل ڪرڻ، ادا ڪرڻ يا تقسيم/ڦهلائڻ کان روڪن ٿا. اِهي قانونَ تخليقڪارن کي سماج لاءِ وڏا فائديمند سائنسي ۽ تخليقي ڪم پيش ڪرڻ جي عيوض مالياتي فائدا مهيا ڪن ٿا. ڪجهه ذهني ورثي جا قسمَ تخليق ٿيڻ جي وقت ئي خود بخود تحفظ ۾ ايندا آهن، ٻيا قسمَ سرڪار جي ڪنهن اداري کان تحفظ مهيا ڪرڻ جِي مخصوص گُهر ڪندا آهن. تقريباً سڀني ملڪن ۾ ذهني ورثي کي تحفظ ڏيڻ جا قانون آهن، تنهن هوندي به، ڪجهه ملڪ ذهني ورثي جا قانون اثرائتي انداز ۾ ڪو نه ٿا عمل ۾ آڻن ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ وڏين ڏکيائين جو سبب بڻجن ٿا.

دلچسپ حقيقتون - ترجمو: فدا حسين ميرجت (Fida Hussain Mirjat)


ترجمو: فدا حسين ميرجت
دلچسپ حقيقتون

جيڪڏهن توهان ساڄڙيا آهيو ته کاڌو کائڻ مهل گھڻي ڀاڱي ساڄي ڄاڙيءَ ۾ چٻاڙيندَو ۽ جيڪڏهن کاٻڙيا آهيو ته پنهنجيءَ ڄاڙيءَ جو کاٻو پاسو استعمال ڪندَو.
توهان جي زبان ان صورت ۾ ئي جِيوِڙن کان صاف چئبِي جيڪڏهن اها گلابي ڏسڻ ۾ اچي، پر جيڪڏهن اها اڇي ڏسجي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته مٿس بيڪٽريا جو سنهو تهه موجود آهي (جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ صفائي ڪجي).
جڏهن ماڻهو ڪا وڻندڙ شَي ڏسي ٿو ته سندس اک جي ماڻڪي وڌ ۾ وڌ 45 سيڪڙي تائين پکڙجي ٿي.
سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو، سگريٽ ڇڏي ته کيس رات جو هڪ ڪلاڪ گھٽ سمهڻ جي طلب ٿيندي.