ترجمو: فدا حسين ميرجت
دلچسپ
حقيقتون
جيڪڏهن توهان
ساڄڙيا آهيو ته کاڌو کائڻ مهل گھڻي ڀاڱي ساڄي ڄاڙيءَ ۾ چٻاڙيندَو ۽ جيڪڏهن کاٻڙيا
آهيو ته پنهنجيءَ ڄاڙيءَ جو کاٻو پاسو استعمال ڪندَو.
توهان جي زبان ان صورت ۾ ئي جِيوِڙن کان صاف چئبِي جيڪڏهن اها گلابي ڏسڻ ۾
اچي، پر جيڪڏهن اها اڇي ڏسجي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته مٿس بيڪٽريا جو سنهو تهه
موجود آهي (جنهن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ صفائي ڪجي).
جڏهن ماڻهو ڪا وڻندڙ شَي ڏسي ٿو ته سندس اک جي ماڻڪي وڌ ۾ وڌ 45 سيڪڙي تائين
پکڙجي ٿي.
سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو، سگريٽ ڇڏي ته کيس رات جو هڪ ڪلاڪ گھٽ سمهڻ جي طلب ٿيندي.
کِلڻُ دٻاءَ وارن هارمونن (جسم جي ڪنهن حصي ۾ گڏ ٿيل مادو/رسوب) جِي سطح
گھٽائي ۽ بچاءَ سرشتي کي وڌائي ٿو. ڇهن سالن جو ٻار هڪ ڏينهن ۾ سراسري طور 300
ڀيرا کلي ٿو، جڏهن ته جوانُ فقط 15 کان 100 ڀيرا کِلي ٿو.
ايفل ٽاور جي چوٽ تائين 1792 ڏاڪا آهن.
بِندرين ٽنگن وارا ڊالميشن نالي ڪُتا انهن نشانن/چُٽن کان سواءِ ڄمن ٿا، جيڪي
پوءِ انهن جي بَج تي ظاهر ٿيندا آهن.
چمڙا جڏهن به ڪنهن چُر وغيره مان نڪرن ٿا، ته کاٻي مُڙن ٿا.
نيري رنگ ۾ پُرسُڪونيءَ جو اثر سمايل هجي ٿو، جيڪو دماغ ۾ پرسڪونيءَ جا هارمون
ڇڏڻ جو سبب پيدا ڪري ٿو.
جيڪڏهن باغ ۾، ڪنهن ماڻهوءَ جو گھوڙي تي چڙهيل اهڙو مجسمو/پُتلو لڳل آهي جنهن
جون اڳيون ٻئي ڄنگهون هوا ۾ آهن ته ان جو مطلب آهي ته اهو گھوڙي سوار جنگ ۾ مَري
ويو، پر جيڪڏهن گھوڙي جي هڪ اڳين ڄنگھ هوا ۾ آهي ته اهو ماڻهو جنگ ۾ رَسيل زخمن جي
ڪري مري ويو، ۽ جيڪڏهن گھوڙي جون چارئي ڄنگھون پَٽ تي آهن ته اهو ماڻهو قدرتي موت
مري ويو آهي.
ذريعو: ’ڊان‘ يَنگ ورلڊ
No comments:
Post a Comment