ماکيءَ جا طبي فائدا
ليکڪ: قربان علي راڄپر
ماکي هڪ بهترين غذا هئڻ سان گڏ رت صاف ڪندڙ، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ، ٿڌ،
زڪام ۽ ٻين ڪيترين ئي اندرين توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو هڪ بهترين علاج آهي.
هتي ماکيءَ جي ڪن فائدن ۽ ان جي استعمال جو بيان ڏجي ٿو. جنهن مان ماکيءَ جي انيڪ
خوبين جو چڱيءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال پڻ ڪري
سگهجي ٿو.
بهترين خوراڪ: بهترين خوراڪ جي حيثيت سان هر روز صبح ۽
شام جو ماکيءَ جو، هڪ کائڻ وارو چمچو مکڻ جي پسند آهر مقدار سان کائڻ گهرجي.
دماغ جي طاقت لاءِ: هر روز صبح ۽ رات جي مانيءَ سان
گڏ ماکيءَ جو هڪ چمچو مَلائيءَ ۾ گڏي کائڻ گهرجي.
دل جي طاقت لاءِ: هر روز ٻه دفعا ڪنهن به وڻندڙ شَي
سان ماکيءَ جو هڪ چمچو کائڻ کپي.
رت صاف ڪرڻ لاءِ: صبح جو يا رات جو ماکيءَ جا ٻه
چمچا گرم کير ۾ چڱيءَ طرح ملائي پيئڻ گهرجن. صبح ۽ شام جي چانہه ۾ پڻ ماکي پِي
سگهجي ٿي. ماکيءَ جو ساڳيو ئي مقدار چڱيءَ طرح ڪيلن سان به کائي سگهجي ٿو.
ٿڌ ۽ زڪام جو بهترين علاج: ماکيءَ جا ٻه
چمچا ليمي جي رس ۾ يا ادرڪ جي رس جو هڪ ننڍو چمچو گرم پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ ڏينهن ۾
ٽي دفعا پيئڻ گهرجي.
نڙيءَ جي خرابي لاءِ: روزانو ٻه يا
ٽي دفعا ماکيءَ جو هڪ چمچو چَٽڻ گهرجي.
اک اٿلڻ جو علاج: ماکيءَ جا ٻه ڦڙا اٿيل اک ۾ هر
روز ٻه يا ٽي دفعا وجهڻ گهرجن. اُٿيل اک ۾ ماکي سرمي واري سرائيءَ سان به پائي
سگهجي ٿي.
هاضمي جي مڙني خرابين لاءِ: هاضمي جي هر
قسم جي خرابي لاءِ ”ماکيءَ جي چانہه“ ٺاهڻ گهرجي. تازي پاڻيءَ جي اٻاريل هڪ ڪوپ ۾
هڪ وڏو چمچو وجهڻ سان ”ماکيءَ جي چانهه“ ٺهي پوندي. جيترو ٿي سگهي سخت گرم چانہه
مانيءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ گهرجي.
ذهني ۽ جسماني ٿڪ لاهڻ لاءِ: ڪنهن به قسم جي
ذهني يا جسماني محنت کان پوءِ گرم پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا چڱيءَ
طرح ملائي پيئڻ سان ٿڪ لهي ويندو.
ترت توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ: جنهن به وقت
توانائيءَ جي گهٽ هئڻ جو احساس ٿئي، ماکيءَ جو هڪ چمچو کائڻ گهرجي.
جيوڙا مار دوا: مختلف طبي محققن جو چوڻ آهي ته ماکي
کائيندڙ ماڻهوءَ جي جسم ۾ مدي جي تپ، پيچش، سُوريءَ ۽ ٻين بيمارين جا جيوڙا رهي نه
ٿا سگهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماکي هڪ جيوڙا مار دوا پڻ آهي. ان مقصد لاءِ
ماکيءَ جا ٻه چمچا ڏهيءَ ۾ چڱيءَ طرح ملائي صبح جي وقت کائڻ گهرجن.
ذيابيطس لاءِ: ذيابيطس (مٺي پيشاب) جي مريضن کي کنڊ جي
جاءِ تي ماکي استعمال ڪرڻ کپي.
مدي جي تپ لاءِ: مدي جي تپ واري ماڻهوءَ کي جيترا
دفعا به کير پيارڻو هجي، هر دفعي گرم کير ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا ملائي پيارجن.
صحت بخش خوراڪ: نيرن تي ماکي کائڻ ڪري آنڊن تي تمام سٺو
اثر پوي ٿو جنهنڪري تندرستي قائم رهي ٿي.
رت ٺاهڻ لاءِ: ماکيءَ ۾ رت جي خاص مرڪب ”هيموگلوبن“
پيدا ڪرڻ جي طاقت آهي. جسم ۾ نئين رت ٺاهڻ لاءِ ماکيءَ جا ٻه چمچا گرم کير يا
چانهه ۾ چڱيءَ طرح گڏي ڏينهن ۾ ٻه دفعا پيئڻ گهرجن.
هلڪو جلاب: ماکي هڪ هلڪو جلاب پڻ آهي. قبضِيءَ جي
حالتن ۾ جتي ٻي ڪا دوا نقصان ڏئي، ماکيءَ جا ٻه چمچا گرم کير يا پاڻيءَ ۾ پيئڻ سان
سان قبضي ختم ٿي ويندي.
زخمَ ڇٽائڻ لاءِ: زخم کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن
ٿلهي ڪپڙي تي ماکي لڳائي معمول مطابق پٽي ٻڌي ڇڏجي.
جسم کي ٿڌو رکڻ لاءِ: اونهاري جي گرم
ڏينهن ۾ ماکيءَ جا ٻه چمچا ٿڌي پاڻيءَ جي هڪ گلاس ۾ چڱيءَ طرح ملائي پيئڻ سان جسم
۾ ٿڌڪار محسوس ٿيندي. ان طريقي سان جيڪڏهن ماکي ڪجھ ڏينهن روزانو پيئبي، ته دل جو
ساڙو ختم ٿي ويندو ۽ جسم مان واڌُوگرمي پڻ نڪري ويندي.
بي خوابيءَ جو علاج: ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ سمهڻ وقت
ماکيءَ جو هڪ چمچو ٿڌي کير يا پاڻيءَ جي هڪ ڪوپ ۾ پيئڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان تمام
گهِري ننڊ اچي ويندي.
خارش جو علاج: جسم جي جنهن حصي تي خارش ٿئي، اتي ماکي مهٽڻ
سان آرام اچي ويندو.

No comments:
Post a Comment