Friday, 8 November 2013

ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن - ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


1901ع ۾ فزڪس جي شعبي ۾ نوبل پرائز حاصل ڪندڙ سڄاڻڪ/سائنسدان
 ولـيـم ڪـونـراڊ روئـنـٽـجـن
(Wilhelm Conrad Roentgen)
ترجمو ۽ ترتيب: رياضت ٻرڙو
سائنسي سوچ“ جي پڙهندڙن لاءِ، موجوده شماري کان، فزڪس، ڪيمسٽري، ۽ طب ۽ ميڊيسن جي شعبن ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانن جي جيوَن ڪٿا ۽ سندن ڪم بابت مختصر تحريرن جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ شروعاتي طور فزڪس کان اڳڀرائي ڪيون پيا. جيئن ته انهن سائنسدانن جو انگُ چڱو چوکو آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪبي ته آئنده هر شماري ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن دوران نوبل انعام ماڻيندڙ سائنسدانن جو ضروري احوال اچي سگھي.
ايڪس ريز جي اتفاقي کوجنا سبب فزڪس جي شعبي ۾ مشهوري ۽ 1901ع ۾، پنهنجيءَ ان کوجنا سبب، فزڪس جو پهريون نوبل انعام ماڻيندڙ هيءُ سائنسدان وليم ڪونراڊ روئنٽجن 27 مارچ 1845ع تي، جرمنيءَ جي شهر لينيپ (Lennep) ۾ ڄائو، پر هُو نيڌرلئنڊ ۾ پلجي وڏو ٿيو. هن زيورچ (سئٽزرلئنڊ) جي فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪـنالاجـيءَ مان 1868ع ۾ مـڪـينيـڪـل انجـنيـئرنگ جـي ڊگـري حـاصـل ڪـئي ۽ زيورچ يونيورسٽيءَ مان 1869ع ۾ فزڪس ۾ پِي ايڇ. ڊِي. (Ph.D.) ڪئي.
روئنٽجن جرمنيءَ جِي ورزبرگ (Wurzbourg) يونيورسٽيءَ ۾ 1868ع کان 1872ع تائين ۽ اسٽراسبرگ (Strasbourg) يونيورسٽيءَ ۾ 1872ع کان 1874ع تائين، ليباريٽري اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو، جتي پوءِ 1874ع کان وٺي فزڪس پڙهائڻ شروع ڪئي. 1875ع ۾ هُو جرمنيءَ جي شهر هوهنِهم ۾ قائم زرعي اڪيڊميءَ ۾ آيو ۽ 1876ع ۾ واپس اسٽراسبرگ وَريو. هن 1876-79ع دوران اسٽراسبرگ يونيورسٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور فزڪس پڙهائي، 1879-88ع دوران گيسن (Giessen) يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر طور فزڪس پڙهائي. ان وقت تائين هُو فزڪس جي شعبي ۾ 18 تحقيقي مقالا لکي چڪو هو. هُو 1888-99ع دوران ورزبرگ يونيورسٽيءَ ۾ فزيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رهيو. 1899ع کان 1920ع ۾ رٽائرمينٽ تائين، روئنٽجن ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ فزيڪل سائنس انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ۽ فزڪس جو پروفيسر رهيو.
8 نومبر 1895ع اهو تاريخي ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هُن اتفاقي طور اهي ڪِرڻا کوجي ورتا، جيڪي ان کان اڳ اڻ ڄاتل هئا، جنـهنـڪري هُن انهـن ڪرڻـن کـي ”ايـڪـس ريـز“ (X-rays) نالو ڏنو. تنهن وقت هُو ڪُروڪس (Crookes) ٽيوب ]شيشي جو ٺهيل، پر هوا کان خالي ٽيوب، جنهن ۾ اليڪٽروڊس ٿين[ ۾ نڪرندڙ ڪئٿوڊ ڪرڻن تي تجربا ڪري رهيو هو جيڪي تيز رفتار اليڪٽرانن جا جڙيل ٿين ٿا. ايڪس ريز کي پوءِ، رونئٽجن جي مڃتا ۾، ”روئنٽجن ريز“ پڻ سڏيو ويو، پر عام نالو ايڪس ريز ئي مشهور ٿيو. هن ايڪس ريز کي پنهنجين آڱرين جي هڏن مان پڻ تجربي لاءِ گذاريو ۽ ڏٺو ته ماسَ جي ڀيٽ ۾ ايڪس ريز هڏن ۾ جذب ٿين ٿا، ۽ فوٽوگرافڪ پليٽ تي چِٽو عڪس ڇڏن ٿا، جنهن کان پوءِ هن طب جي شعبي ۾ ايڪس ريز جي استعمال لاءِ اُپاءَ ورتا. تنهن کان سواءِ روئنٽجن پنهنجين کوجنائن مان مالي فائدا حاصل ڪرڻ بدران سڀني جي ڀلي لاءِ ميسر ڪري ڏنو ۽ انهن جا حق واسطا وٺڻ کان نابرِي واري. 23 جنوري 1896ع تي هن ايڪس ريز تي هڪ مفصل ليڪچر ڏنو، جنهن کان پوءِ اهي ڪِرڻا وڌيڪ مقبول ۽ مشهور ٿيڻ لڳا. روئنٽجن ٽن سائنسي مقالن ۾ ايڪس ريز جا ڪيترائي بنيادي قانون بيان ڪيا، جيڪي 1895ع، 1896ع ۽ 1897ع ۾ ڇپيا. ايڪس ريز واريءَ انهيءَ ڪارائتي کوجنا سبب ٿيل سندس مشهوريءَ، 1876ع کان وٺي 1895ع تائين، گئسن ۽ ڪرسٽل مادن تي ڪيل هن جي اهم اڀياسن کي پڻ ميرانجھڙو ڪري ڇڏيو. جڏهن نوبل انعام لاءِ، فزڪس جي شعبي ۾ نامزدگيون ورتيون ويون ته 29 نامزدگين مان 17 ۾ روئنٽجن کي نامزد ڪيو ويو، جنهن مان سندس مقبوليت جي ڪَٿ ڪري سگھجي ٿي.
1872ع ۾ روئنٽجن جي شادي برٿا لاڊوِنگ نالي ڇوڪريءَ سان ٿي. کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. هن نامور سائنسدان جي وفات 10 فيبروري 1923ع تي ٿي.
(ذريعو: انٽرنيٽ ۽ انسائيڪلوپيڊيا انڪارٽا)

ڪجهه اڪس ريز بابت: ايڪس ريز اليڪٽروميگنيٽڪ (برق-مقناطيسي/چقمقي-بجليءَ) ۽ مادن ۾ گِهرِي ويندڙ اهڙا ڪِرڻا (ريڊيئيشنَ) آهن، جن جي لهرِي ڊيگھ (ويوِ لينٿ) روشنيءَ جي لهرن کان گھٽ ٿئي ٿي. ايڪس ريز، عام طرح ٽنگسٽن عنصر مان جوڙيل ٽارگيٽ تي، وڌ-رفتاري (هاءِ اسپيڊ) اليڪٽرانن جي بمباريءَ سان پيدا ڪجن ٿا. جيئن ته اهڙا ڪرڻا اڳ اڻ ڄاتل هئا، ان ڪري روئنٽجن انهن جو نالو ايڪس ريز (اڻ ڄاتل ڪرڻا) رکيو. حسابن ۾ ايڪس/X اکر، اڻ ڄاتل نمبر يا شَي وغيره لاءِ ڪتب آڻبو آهي.
ايڪس ريز جو استعمال، بنيادي طور، بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ ان جو اهڙو گھڻو واهپو نقصانڪار پڻ آهي، خاص ڪري ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو. ڏندن جِي ۽ طب جِي ٻين بيمارين جي سڃاڻپ ۾ گھٽ-شدتي ايڪس ڪِرڻا استعمال ڪجن ٿا، جڏهن ته وڌ-شدتي ڪرڻا، جيڪي عام ٽشوئن کي ختم ڪري سگھن ٿا سي ڳوڙهن (ٽيومرس) جي علاج ۾ ڪتب آڻجن ٿا. ڪينسر جا تڪڙا ورهائجي سگھندڙ جيو-گھرڙا، خاص ڪري ايڪس ريز سان گھايل ٿي سگھندڙ ٿين ٿا.

No comments:

Post a Comment