ڌرتي گرهه
(Planet Earth)
ترجمو: جاويد حسين وڌو
جيڪڏهن توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته گِرهه (پلانيٽ/Planet) ڪيئن هوندو
آهي، ته پوءِ توهان کي تمام گھڻو پري ڏسڻو ڪو نه پوندو، ڇو ته توهان هڪ گرهه تي ئي
رهو پيا. ڌرتي سج-سرشتي (Solar System) جي نون
گرهن مان هڪ گرهه آهي. گرهَه ٽَڪر (Rock)، ڌاتو (Metal) ۽ گئسن (Gases) جا ٺهيل وڏا
گولا آهن، جن کي ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪا روشني
نه ٿيندي آهي.
ڪنهن حد تائين اسان جي گرهه (ڌرتي) ۽ ٻين گرهن ۾ ڪو فرق نه آهي. جيئن عطارد (Mercury)، زهره (Venus) يا مريخ (Mars) وانگر ڌرتي
گھڻو ڪري ٽَڪر سان گڏ مرڪز (Center) ۾ ڌاتوءَ
جو ڳڀ (Metal
Core) رکندڙ آهي. زهره ۽ مريخ وانگر ڌرتيءَ جي چوڌاري گئسن جو واءُ
منڊل (Atmosphere) آهي ۽
ڪــيتــرن ٻيــن گــرهـن، جـھــڙوڪ مـــــشــتــري (Jupiter) يا زحل (Saturn) وانگر
ڌرتيءَ کي به هڪ چنڊ آهي.
پر ڌرتي سڀني گرهن منجهه هڪ خاص مقام رکي ٿي: هيءُ سج-سرشتي
جو اڪيلو گرهه آهي جنهن تي ماڻهو رهن ٿا. گھڻو ڪري پاڻ يقين ڪري سگھون ٿا ته اهو
واحد گرهه آهي، جنهن تي ڪنهن قسم جي زندگيءَ جو وجود آهي.
جانورن ۽ ٻوٽن کي پاڻيءَ ۽ هوا سان گڏوگڏ سج جي روشنيءَ ۽ گرمائش جي پڻ ضرورت
پوي ٿي، جيڪي سڀ ڌرتيءَ تي ئي ججهيون آهن. ان جي مٿاڇري جا ٽي حصا سمنڊ جي پاڻي
سان ڍڪيل آهن. خلا مان، ڌرتي گهري نيري (Deep Blue) ۽ واچوڙي ۾
ويڙهيل اڇِي جھڙالي نظر ايندي.
اسان جو گرهه جيئري ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا آهي. لکين سالن کان وٺي هوا ۽ مينهن
جبلن کي ڪَٽيندا ۽ گِھليندا هيٺ آڻن ٿا ۽ درياهَه ماٿريون جوڙن ٿا. تبديل ٿيندڙ
آبهوا، زلزلا ۽ ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي تبديل ڪندا رهن ٿا.
ساڳيوئي ڪم ٻوٽا ۽ جانور پڻ ڪن ٿا. جيتوڻيڪ کنڊَ (Continents) سال ۾ فقط
ڪجھه انچ چرپر ڪن ٿا، پر لکين سالن ۾ سمنڊن جي جسامت ۽ بيهڪ ۾ گھڻي تبديلي آئي
آهي.

No comments:
Post a Comment