ٻارن
۾ پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي؟
سنڌيڪار:
صائمه رند
پڙهائي
سکڻ، ٻولي سکڻ وانگر ناهي. ٻوليءَ جو اچڻ ’فطرتي‘ آهي، جڏهن ته پڙهڻ جو مامرو جدا
ٿئي ٿو. پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۽ هدايتن جي گھرج پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته پڙهڻ
ڪو فطرتي عمل نه آهي.
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ وارو ٻار، ڪتابن
سان چاهه، ان صورت ۾ ئي رکي سگھي ٿو، جڏهن هُو پڙهڻ لڳي ٿو. ٻارُ پڙهڻ جي عادت
تڏهن سکي ٿو، جڏهن هُو پنهنجي ماحول ۾ ڪتاب ڏسي ٿو يا وري وڏن کي پڙهندي ڏِسي ٿو.
هيٺ ڪجھ نقطا ڏجن ٿا، جيڪي اسڪول وڃڻ کان
اڳ، ٻار ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳائڻ لاءِ ڪارائتا ٿي سگھن ٿا:-
اهڙا
ڪتاب هٿ ڪريو، جيڪي توهان جي ٻار جي دلچسپيءَ وٽان هجن.
هر روز
ڪو اهڙو، واندڪائيءَ وارو وقت مقرر ڪيو، جنهن ۾ توهان ۽ توهان جو ٻار گڏجي مطالعو
ڪري سگھو.
شوق سان ۽ ڏاڍيان پڙهو ۽ پنهنجي آواز کي مختلف ڪردارن
جا آواز ڪڍڻ لاءِ ڦيرايو، ته جيئن انهن جي ڏک، خوشيءَ ۽ جوش کي محسوس ڪري سگھجي.
پڙهڻ دوران رنڊڪ پوڻ جي توقع رکو ۽ ان کي همٿايو. هر
ڪتاب ۾ ڇپيل تصويرن ۽ ڪهاڻين بابت ڳالهايو. سوال پڇو ۽ انهن جا جواب ڏيو. پنهنجي
ٻار کي ڪهاڻي سمجھائڻ لاءِ ٻي معلومات پڻ ٻڌايو.
ڪتابن جو ڪٻٽ يا ٻيو ڪو هنڌ، ٻار جي پهچ ۾ رکو، ته
جيئن اهو بنا ڪنهن ٻئي جي مدد جي، ڪتابن تائين پهچي سگھي. ڪتابن کي اُڀو ڪري رکو،
ته جيئن ٻار پنهنجي گھربل ڪتاب کي سولائيءَ سان ڳولي ۽ کڻي سگھجي.
جڏهن به توهان کي گھر کان ٻاهر وڃڻو پوي، ته پاڻ سان
گڏ ڪتابن جو ٿيلهو به کڻو، ته جيئن توهان جو ٻار، رستي يا گاڏيءَ ۾ به ڪتاب پڙهي
سگھي.
پنهنجي ٻار کي سمجھايو ته پڙهڻ هڪ اهم ۽ فائديمند
وِندر آهي. ٻار جيئن ته وڏن جي نقالي ڪري ٿو، انهيءَ ڪري اهو جڏهن توهان کي ڪو
ڪتاب يا رسالو پڙهندو ڏسي ٿو، ته هو به ساڳيو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
(روزاني ’ڊان‘ تان ترجمو)
No comments:
Post a Comment