Friday, 8 November 2013

ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل معلومات
چونڊ ۽ ترجمو: رياضت ٻرڙو

س: آرڪٽ (Orkut) ڇا آهي؟
ج: آرڪٽ آن لائين بِرادري/نيات آهي جيڪا پنهنجن رُڪنن/ميمبرن کي هڪ ٻئي سان سلهاڙي ٿي ۽ بحث مباحثا ڪري ٿي. اتي توهان هڪ ٻئي کي اِي ميل ڪري سگھو ٿا ۽ خاص الخاص ته توهان مختلف ٽولا/گروپ جوڙي، نوَن دوستن سان ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون وغيره ڪري، پنهنجو وسيع سماجي سلسلو (نيٽ ورڪ) ٺاهي سگھو ٿا. آرڪٽ ويجھن رابطن واري اهڙي نيات آهي جنهن ۾ توهان تڏهن شامل ٿي سگھو ٿا، جڏهن ان نيات جو ڪو ٻيو رڪن توهان کي ڪوٺ ڏي. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به آرڪٽ رڪن جي ڄاڻ ناهي ته ويب سائيٽ تي جھٽ کن ترسو، ستت ئي توهان کي ڪوٺ ملي ويندي، ته اچي شريڪ ٿيو. آرڪٽ بابت وڌيڪ ڄاڻ ان جي هن ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي: www.orkut.com


س: ڊجيٽل صحيح (Digital Signature) ڇا آهي؟
ج: اها اِي ميل صحيح آهي جيڪا آئوٽ لُڪ ۾ اماڻيل خطن (mails) هيٺان لڳائبي آهي.

س: ڪمپيوٽر مان مڪمل طور ڊِليٽ ڪيل (مِٽايل/ڊاٿل) فائل يا فولڊر ڪيئڻ ٻيهر حاصل ڪجي؟
ج: ان لاءِ مِگو ڊجيٽل ريسڪيو پريميم سافٽ ويئر هن ويب ايڊريس تان استعمال ڪري سگھجي ٿو: http://www.migosoftware.com/store/digital-rescue.html يا رِڪوَر ماءِ فائل نالي سافٽ ويئر به مفيد آهي. ان جي ايڊريس: http://www.recovermyfiles.com آهي، يا هئنڊِي رِڪورِي سافٽ ويئر به فائل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو، جنهن جي ايڊريس آهي: http://www.bluesofts.com/download/798/ 15199/Handy-Recovery.html. تنهن کان سواءِ مارڪيٽ ۾ جيڪي ٻيا مفيد سافٽ ويئر ميسر آهن تن ۾ آن ٽرئڪ، ڊيٽا رڪوري پِرو ۽ آر-اسٽوڊيو 2008 شامل آهن، جيڪي سِي ڊِيُن ۾ موجود آهن.

س: ڇا هڪ ئي وقت ٻه اينٽي وائرس سافٽ ويئر استعمال ڪري سگھجن ٿا؟
ج: نه. ڇو ته ٻه اينٽي وائرس سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ سان سسٽم جي رفتار بيحد گھٽجي ويندي، تنهن کان سواءِ، سسٽم کي اسڪين ڪرڻ مهل ٻئي سافٽ ويئر هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ به اچي سگھن ٿا.

س: نوڪيا 6300 موبائل فون تي پاڪستاني ۽ ڀارتي ايم پِي-3 گانا ڪهڙي سافٽ ويئر وسيلي مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿا؟
ج: ان لاءِ سٺو سافٽ ويئر www.getjar.com آهي. ان کان سواءِ، اوهان پنهنجي سسٽم تي نوڪيا جو پنهنجو پِي سِي سُوٽ www.nokiame.com استعمال ڪري، بِلُوٽُٿ يا يُو ايس بِي ڪيبل وسيلي، وڊيو يا ايم پِي-3 گانا منتقل ڪري سگھو ٿا. گانا مَلٽِي ميڊيا فائل www.apnisp.com  وسيلي به ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿا.

س: ونڊوز ايڪس پِي سروس پيڪ-2 لاءِ بهتر اينٽي وائرس سافٽ ويئر ڪهڙو آهي ۽ اهو انٽرنيٽ تي ڪٿان مفت حاصل ڪري سگھجي ٿو؟
ج: اي وِي جِي (AVG) اينٽي وائرس وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو، جيڪو www.avg.com يا www.download.com تان حاصل ڪري سگھجي ٿو، اهو بهترين اينٽي وائرسن مان هڪ جو مڪمل وَرزن (روپ/شڪل/نمونو) آهي. پنهنجن بــچـــائــــن کــي وڌائــــڻ لاءِ ســـٺـــو آهي ته پــــــرِيـــوِڪــس سِـــي ايـــس آءِ (www.prevx.com) ڊائون لوڊ ۽ انسٽال ڪجي. اينٽي وائرسن ۾، ميڪفِي ۽ ناڊ-32 پڻ گھڻو پسانڪيا وڃن ٿا. بهتر آهي ته انهن مختلف اينٽي وائرسن مان هڪ هڪ ڪري سافٽ ويئر انسٽال ڪجن، پوءِ جيڪو پنهنجي سهولت موجب موزون محسوس ٿئي، اهو استعمال ڪجي.

س: سافٽ ويئر (Soft ware) ڇا آهي؟
ج: هيءُ ڪمپيوٽر جو اهو حصو آهي جنهن کي ڪو مادي روپ/شڪل ناهي. ان ۾ پروگرامَ، ڊيٽا (ڄاڻوڪي)، پروٽوڪولَ وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن سافٽ ويئر، هارڊ ويئر تي آڻبو آهي ته پوءِ اهو سولائيءَ سان ڦيرائي ناهي سگھبو (جهڙوڪ آءِ. بِي. ايم پرسنل ڪمپيوٽر ۾ بايوس رام). ان کي فِرم ويئر (Firm ware) پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن مان مطلب هوندو آهي ته اهو هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي وچ تي، ڪنهن بي يقينيءَ واري هنڌِ موجود آهي.

س: هارڊ ويئر (Hard ware) ڇا آهي؟
ج: هارڊ ويئر مان مطلب ڪمپيوٽر جا اهي سڀئي حصا آهن جيڪي ڇهڻ جوڳا آهن. مثال طور، سرڪٽ، پاور سپلاءِ، تارون، مانيٽر، ڪِي بورڊ، مائُوس، پرنٽر هارڊ ويئر آهن.

No comments:

Post a Comment