’سائنسي سوچ‘ جو
پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
خارش جي
بيماري
تحرير: ڊاڪٽر غلام حسين مهيسر ”شوق“
خارش هڪ عام مرض آهي. ڪا خارش ڪِولي (ماڪوڙي) يا ٻين جيتن جي ڏنگ هڻڻ ڪري ٿيندي
آهي. ڪيترائي جيت خاص ڪري مڇرَ مليريا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جا جيوڙا هڪ انسان مان
حاصل ڪري، ٻئي تندرست انسان تائين پهچائيندا آهن ۽ اهڙا موذي مرض عام پکڙجي ويندا
آهن. ان ڪري ماڻهن کي گھرجي ته صحت کاتي وارن سان تعاون ڪري، پنهنجن گھرن ۾ مڇر
مار تيل يا ڦوهارا هڻائن ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻيءَ کي هنڌِ هنڌِ جمع ٿيڻ نه ڏين. برسات
پَوڻ ڪري خود بخود پاڻيءَ جا ڍورا ڀرجي
ويندا آهن ۽ اهو گندو پاڻي مڇرن جو تعداد وڌائڻ ۾ سندن ڏاڍي مدد ڪندو آهي.
مڇر گھڻو اڏامي ڪين سگھندا آهن. جيڪڏهن
ڪي ڳوٺاڻا پاڻ ۾ گڏجي، پاڻيءَ جي انهن ڍورن کي ختم ڪن ته کين مڇرن کان نجات ملي
سگھندي ۽ خارش کان سواءِ مليريا جهڙي موذي مرض کان به بچي سگھبو، جيڪو رڳو مڇر ئي
پکيڙن ٿا. ڪن مريضن کان معلوم ڪيو ويو آهي ته سندن کل مان ڪي اهڙا ڪِيڙا (جيت) مليا
آهن جيڪي نه رڳو ڏنگين ٿا پر هڪ نئين مرض جو ڪارڻ بڻجي پون ٿا جنهن کي خارش جون
بيماريون (Scalies) چئبو آهي. اها
بيماري خاص ڪري اهڙن ٻارن کي ٿيندي آهي جيڪي صفائيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏيندا آهن.
خارش مان پيدا ٿيندڙ رَهڙن ۾ جيوڙا داخل ٿيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح کل ۾ جيوڙن جو
تعداد وڌي ويندو آهي ۽ انهن رهڙن مان پاڻي رسندو رهندو آهي ۽ پوءِ خشڪ ٿي ويندا
آهن، جنهن کي اسين ”کرنڊ يا ڪڙي“ ڪري چوندا آهيون. پوءِ، انهن کرنڊن ۾ به خارش
پيدا ٿي پوندي آهي. کنهڻ سان اهو پورو کرنڊ لهي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح هي جيوڙا
جسم جي ٻين حصن تائين پهچي ويندا آهن. ڪن ماڻهن کي هڪ ٻئي قسم جي چمڙيءِ جي بيماري ٿيندي آهي، جيڪا هڪ
ننڍڙي جيوڙِي مان پيدا ٿيندي آهي. اهو جيوڙو بيڪٽريا وانگر رڳو خوردبينيءَ سان ڏسي
سگھبو آهي. قابل ڊاڪٽر خارش جو نشان ڏسي ٻڌائيندا آهن ته خارش ڪهڙي قسم جي جيوڙي
مان پيدا ٿي آهي. گرم ۽ گھميل آب هوا وارن ملڪن ۾ رهڻ وارا ماڻهو سوئڙ يا گرمي
داڻن جي سخت تڪليف برداشت ڪندا آهن. برسات ۾ کين اها تڪليف زياده برداشت ڪرڻي
پوندي آهي. سوئڙ جو، جيوڙن يا بئڪٽريا سان ڪو به تعلق ڪو نه هوندو آهي. اهي رڳو ان
ڪري پيدا ٿيندا آهن جو جسم جي ڪن حصن مان پگھر خارج ڪرڻ وارا سوراخ بند ٿي ويندا
آهن. هن قسم جي خارش نرڙ، بغلن ۽ ٻانهن تي وڌيڪ ٿيندي آهي. عام ماڻهو گھڻو ڪري ان
تي پائوڊر استعمال ڪندا آهن. کنهڻ سان چمڙيءَ ۾ بيڪٽريا داخل ٿيندا آهن. جن ماڻهن
کي سوئڙ يا گرمي داڻا نڪرن، انهن ماڻهن کي گھڻو وقت ٿڌيءَ جاءِ تي گذارڻ گھرجي ته
جيئن سندن پگھر آسانيءَ سان خارج ٿيندو رهي. ڪڏهن ڪڏهن خارش مان ڏڏر (Allergy) ٿي ويندو آهي.
ڪن ماڻهن کي ڪا خاص شَي کائڻ سان ڏڏر ٿي ويندو آهي ۽ انهن جي جسم تي سوڄ جا ڏها
نڪري ايندا آهن. کاڌي کائڻ کان پوءِ کل جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. جيڪي ڏها
نڪرندا آهن انهن ۾ ڏاڍي خارش ٿيندي آهي. انهن ڏهن کي ڇاپاڪا (Urticaria wheals) چئبو آهي.
کاڌي کان سواءِ ڪيتريون ئي شيون ڏڏر جو باعث بنجي پونديون آهن ۽ تجربيڪار ڊاڪٽر
لاءِ به اهو سمجهڻ مشڪل ٿي پوندو آهي ته مريض کي خارش ڇا جي ڪري ٿي آهي. ڊاڪٽر
ڪهڙي به دوا استعمال ڪرائي، مريض دوا کائڻ سان غش ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏڏر جي
ڪري سهڪي نزلو ۽ زڪام به ٿي پوندو آهي. جيستائين کاڌو مڪمل طرح هضم نه ٿيندو آهي
تيستائين ڏڏر کان نجات ڪا نه ملندي آهي.
(ماهوار ”سائنس“ جي
ٿورن سان)
No comments:
Post a Comment