’سائنسي سوچ‘ جو
پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي (ايڊيٽوريل)
رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي، سنڌ-سطح تي رجسٽرڊ، هڪ غير منافعو ڏيندڙ، غير سرڪاري ۽ غير سياسي
ادارو آهي، جنهن جو بنياد سنڌ جي نامور محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان
پوءِ، سندس خدمتن جي مڃتا ۽ ڦهلاءَ لاءِ، سال 1997ع ۾، قنبر شهر ۾ رکيو ويو. تنهن
وقت کان، اڪيڊمي پنهنجين ذميوارين کي محسوس ڪندي سنڌي سماج ۾ علمي، تعليمي ۽ ادبي
واڌاري لاءِ، سائنسي نُڪتي نظر رکندي، پاڻ پتوڙي رهي آهي.
ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي سماج ۾ جمهوري، اڻ ڌريا، سائنسي ۽ ترقي پسند قدرَ تعليم ذريعي وڌائڻ ۽
ويجھائڻ چاهي ٿي، ته جيئن پُر امن ۽ سهپ جوڳو سماج جوڙي سگھجي.
هيءَ
اڪيڊمي پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ، مختلف علمي موضوعن تي ڪتابَ، رسالا ۽ خبرناما
ڇپرائيندي رهي آهي ۽ گھڻ-موضوعي ليڪچرن، مذاڪرن، سيمينارن، نمائشن، عالمي ڏهاڙن ۽
تعليمي ڪلاسن وغيره جو اهتمام ڪندي رهي ٿي، گڏوگڏ تحقيقي مرڪزن ۽ مؤثر تعليمي
ادارن جي قيام جو ارادو رکي ٿي.
ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر جي جنرل باڊيءَ جي، 24-فيبروري 2008ع تي منعقد ڪيل اجلاس ۾
اڪيڊميءَ جي نئين آئين جي منظوري ڏيندي، نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي، جنهن موجب جنرل
باڊيءَ کي جنرل ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو ۽ اڪيڊميءَ جو انتظام هلائڻ لاءِ گورننگ
بورڊ هن ريت منتخب ڪيو ويو:
چيئرمئن: خادم حسين رند
وائيس
چيئرمئن: امتياز احمد مغل
ميمبر
گورننگ بورڊ: عبدالستار هڪڙو،
ڀائو درمحمد ٻرڙو ۽ بشير احمد وئينس.
اجلاس ۾ اڪيڊميءَ جي نعري (سلوگن)،
مقصدي بيان (مِشن اسٽيٽمينٽ) ۽ مول متن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جيڪي هتي ڄاڻائجن
ٿا:
سلوگن: تعليم، امن ۽ عقليت
پسندي
مقصدي بيان: اسان جو تصور آهي، تعليم ذريعي پُر امن ۽ سهپ
جوڳو سماج جوڙڻ.
مول ۽ متا:
سماج ۾ جمهوري، اڻ
ڌُريا، سائنسي ۽ ترقي پسند قدر وڌائڻ ۽ ويجھائڻ.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل ڪمن کي وڌائڻ ۽
ويجھائڻ.
جڏهن ته
اڪيڊميءَ جي وهنوار واسطي هيٺين مينيجنگ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي آهي:
ڊائريڪٽر: رياضت ٻرڙو
پروگرام
آفيسر: نور اللھ رند
اڪائونٽس
آفيسر: فدا حسين ميرجت
پبليڪيشن
آفيسر: دين محمد ڪلهوڙو
ماهوار ’سائنسي سوچ‘ پڌرو ڪرڻ جو فيصلو
اڪيڊميءَ جي آڪٽوبر 2008ع جي ٿيل ٽِماهي اجلاس ۾، ٻين اهم
فيصلن سان گڏ، ماهوار ’سائنسي
سوچ‘ رسالي جي پراجيڪٽ جي
منظوري ڏني وئي، ته جيئن سنڌي ماڻهن ـــــــــــ خاص ڪري نوجوانن ۽ شاگردن
ـــــــــــ لاءِ سندن ٻوليءَ ۾، گھڻ-طرفي علمي ۽ سائنسي ڄاڻ تي مشتمل مواد ميسر
ڪري، سندن ذهني اوسر ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگھجي.
’سائنسي سوچ‘ لاءِ مواد جي سلسلي ۾ اسان مٿئين نُڪتي کي سوچ ۾ رکندي ڪوشش ڪئي آهي، ته
مواد عام فهم هجي، صحت ۽ ماحول جي مسئلن ۽ حل بابت ڄاڻ ڏيندڙ هجي، عام ۽ خاص
موضوعن سان واسطيدار هجي، سائنسي خبرن سان ڀرپور هجي، سائنسي سوچ وڌائي سگھي،
شاگردن ۽ نوجوانن جي خاص ڪري رهنمائي ڪري سگھي، درست نُڪتي نظر ڏانهن نيندڙ هجي،
جديد دنيا جي سائنسي تجربن ۽ تجزين بابت آگاهي ڏئي، واسطيدار عنوانن سان ٺهڪندڙ
تصويرن سان سنواريل هجي، عارضي ۽ مستقل نوعيت وارن مضمونن تي مشتمل هجي، سائنس جي
گھڻين ئي شاخن سان لاڳاپيل هجي، ٻارن جي لاءِ الڳ سولا ليک ڏنل هجن، ۽ خاص الخاص
ته موجوده وقت ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي مواد جي لحاظ کان ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾،
مٿين مڙني ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندي، هڪ نمائنده سائنسي رسالي جي گھرج پوري ڪري
سگهي.
جيئن ته سنڌ ۾ سائنسي تحقيق جي صورتحال ذڪر جوڳي ناهي، ڇو
ته يونيورسٽين ۽ ٻين تحقيقي ادارن ۾ سنڌي سائنسدانن ۽ پروفيسرن پاران ڪئي ويندڙ
تحقيق به عام طرح انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي تحرير هيٺ آندي وڃي ٿي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ
۾ تحقيقي مواد جي سخت اڻاٺ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سائنسدان،
پروفيسر ۽ سڄاڻ فرد ان پاسي سنجيدگيءَ سان وِيچارن ۽ اُپاءَ وٺن ته سنڌي ٻوليءَ ۾
سائنسي مواد جو ذخيرو وڌائي سگھجي. ان سلسلي ۾ ايئن ڪري سگھجي ٿو ته، هڪ ته سنڌي
سائنسدانن پاران ڪئي ويندڙ سائنسي تحقيق سنڌي ٻوليءَ ۾ به لکجي، ۽ جن ڄاڻُن، ماهرن
۽ سڄاڻن کي انگريزيءَ يا ٻين سائنسي مواد وارين ٻولين جي ڄاڻ آهي، ته اهي انهن
ٻولين مان سائنسي مواد ترجمو ڪن، جيڪو پڻ پنهنجي ٻوليءَ کي سائنسي مواد سان ڀرپور
۽ شاهوڪار ڪرڻ جو انتهائي بهترين طريقو آهي. اسان کي سُڌ آهي ته انگريزيءَ توڙي
ٻين ٻولين ۾ تمام گھڻو سائنسي ۽ فني مواد انٽرنيٽ تي موجود آهي، گڏوگڏ
انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ۽ انڪارٽا سُوڌو ٻيو ڪيترو ئي مواد ڊِي وِي ڊِيُن ۽ سِي
ڊِيُن تي سولائيءَ سان ميسر آهي، جتان ترجمو ڪري سگھجي ٿو، ضرورت صرف حوالي ڏيڻ
(ريفرنس) جي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي جي محنت کي واجبي مانُ به ڏيڻو آهي.
هن موقعي تي اوهان کي اها پڻ سڌ ڏيون، ته اسان ’سائنسي سوچ‘ ۾ ڇپيل سمورو ضروري مواد سانڍيندا ۽ سهيڙيندا وينداسون، ته جيئن مناسب
وقت تي ’سنڌي-سائنسي-انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ ڇپي سگھون. وڌيڪ توهان جي راين جو اوسيئڙو
رهندو. مضمون موڪلڻ، خط لکڻ يا ايس ايم ايس ڪرڻ نه وساريندا.
-
مهرباني.

No comments:
Post a Comment