Sunday, 2 June 2013

سائنس سماچار - ترجمو: خادم رند (Khadim Rind)


’سائنسي سوچ‘ جو پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
سائنس سماچار
ترجمو: خادم رند
هڪ نئين مفرد عدد (پرائيم نمبر، Prime Number) جو پتو پئجي ويو
آمريڪا ۾، لاس اينجلس ۾، ڪيليفوريا يونيورسٽيءَ جي رياضيدانن هڪ نئون مفرد عدد ڳولي لڌو آهي، جيڪو هڪ ڪروڙ ٽيهه لک عددن تي ٻڌل آهي. اميد آهي ته ان نئين مفرد عدد کي دنيا آڏو آڻڻ تي، رياضيدانن کي هڪ لک ڊالرن جو انعام ملي سگھي ٿو. مفرد عدد، اهڙو عدد هوندو آهي جنهن کي رڳو پاڻ سان يا وري هڪ انگ سان ونڊي سگھجي ٿو.
ٻڌايو ويو آهي ته نئون مفرد عدد پنجھتر ڪمپيوٽرن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ کان پوءِ ئي ڳولي لڌو ويو. ايئن ڪرڻ سان رياضيدانن کي انتهائي مُنجھيل ۽ ڊگھي جوڙ ڪٽ ڪرڻ ۾ ڪجھه سهولت پيدا ٿي پئي، جنهنڪري هڪ نئين مفرد عدد جي ڳولا ۽ تصديق ممڪن ٿي سگھي. رياضيدانن جي ٽيم جي اڳواڻ ايڊيسن سمتا خابرو اداري اي.پي کي ٻڌايو ته اسان سڀ خوش آهيون ۽ هاڻي ٻئين مفرد عدد جي ڳولا ڪنداسون، جيتوڻيڪ ايئن ڪرڻ لڳ ڀڳ اڻ ٿيڻيءَ جھڙو آهي.
چيني خلاباز ڌرتيءَ تي موٽيو
چيني خلاباز پهريون ڀيرو خلا ۾ پسار ڪري، سلامتيءَ سان ڌرتيءَ تي موٽي آيا آهن. انهي ڪاميابيءَ کان پوءِ چين هينئر خلائي کوجنا واري شعبي ۾ آمريڪا ۽ روس سان برابريءَ ۾ اچي چڪو آهي، جيڪي اڳ ۾ ئي اهڙو ڪارنامو ڪري چڪا آهن.
اعلى چيني قيادت، هن خلائي مِشن کي هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سموري مِشن کي ڪنهن به ٻاهرينءَ مدد کان سواءِ ئي چيني سائنسدانن انت تائين پهچايو. جڏهن اِن مِشن جي اڳواڻ زائِي زيگانگ خلائي جھاز مان ٻاهر اچي، پسار شروع ڪئي ته سندس هٿ ۾ چيني جھنڊو هو. چين پنهنجو پهريون خلائي مِشن پنج سال اڳ موڪليو هو. تنهن وقت به، خلائي جھاز ۾ خلاباز ته موجود هو، پر هُو ٻاهر نه نڪتو هو. شينرو-7 نالي اهو خلائي ڪيپسول (جھاز) جڏهن منگوليائي رڻ پٽ ۾ لٿو، ته بيجنگ واري ڪنٽرول روم ۾ تاڙيون وڄي ويون. ان کان اڳ خلائي مشن دنيا جو چڪر هنيو ۽ اهم سائنسي تجربا ڪيا. زائي زيگانگ پندرهن منٽن لاءِ ڪيپسول مان ٻاهر نڪتو.
چين ايندڙ ڪجھه سالن ۾ پنهنجي خلائي اسٽيشن ٺاهڻ گھري ٿو ۽ ان ڏس ۾ هيءَ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پسار لاءِ زائي زيگانگ کي چين ۾ ئي تيار ڪيل خلائي سوٽ پاتل هو، جنهن تي 10 ملين ڊالرن کان 40 ملين ڊالرن جي وچ ۾ خرچ آيل هو.
مليريا جي خاتمي لاءِ ٽِن ارب ڊالرن جي امداد
عالمي اڳواڻن، ترقياتي ادارن ۽ مُخير ماڻهن عالمي سطح تي غربت ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ، 16 ارب ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي، جنهن رقم مان 3 ارب دنيا مان مليريا جي خاتمي لاءِ خرچ ڪيا ويندا. امدادي رقم جا اعلانَ نيويارڪ ۾ ٿيل گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪيا ويا، جنهن جو مقصد گڏيل قومن جي ’هزارِي ترقياتي حدف‘ هيٺ 2015ع تائين عالمي غربت ۾ 50 سيڪڙو گھٽائي آڻڻ لاءِ مناسب قدمن تي غور ويچار ڪرڻ هو. عالمي اڳواڻن سن 2000ع ۾ انهن هزاري حدفن تي اتفاق ڪيو هو، جنهن هيٺ اميد ڪئي پئي وئي ته غربت ۾ گھٽتائيءَ سان گڏوگڏ ڪروڙين ماڻهن جي حياتيءَ گذارڻ جي معيار ۾ پڻ بهتري ايندي.
امدادي ادارن ۽ مخير ماڻهن کي اميد آهي ته مليريا کان بچاءُ لاءِ رکيل رقم سن 2015ع تائين هن بيماريءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ چڱي چوکي ثابت ٿيندي. مليريا جي خاتمي لاءِ ڏني ويندڙ ان رقم مان هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر عالمي بينڪ، جڏهن ته هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر ايڊز، ٽي. بي. ۽ مليريا سان ويڙهاند لاءِ جوڙيل عالمي فنڊ مهيا ڪندو، باقي 30 ڪروڙ ڊالر برطانوي سرڪار ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جھڙا خانگي ادارا مهيا ڪري ڏيندا. بي. بي. سي. جي نمائندي هيٿر اليگزينڊر جي عام راءِ هيءَ آهي ته هزاري حدف حاصل ڪرڻ ناممڪن آهن، جنهنڪري عالمي اڳواڻَ مليريا جي خاتمي تي زور ڏئي رهيا آهن. صحت جي عالمي اداري ڊبليو. ايڇ. او. موجب هر سال مليريا سبب دنيا ۾ ڏهن لکن کان مٿي موتَ ٿين ٿا. عالمي بينڪ جي صدر رابرٽ زوئلڪ چيو آهي ته واڌُو مالي امداد سان ايندڙ ٽن سالن ۾ مليريا جي ڪري ٿيندڙ موتن تي چڱيءَ حد تائين ضابطو آڻي سگھبو. بِل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊشن مليريا تي ضابطو آڻڻ لاءِ، ٺاهيي ويندڙ ٽُڪي تي تحقيق لاءِ، اٽڪل 160 ملين ڊالر به ڏيڻ وارو آهي. مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جو چوڻ آهي ته اسان کي وڌيڪ تحقيق، ڳولا، نين دوائن ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽُڪن جي گھرج آهي.
ٿولهه: حمل ضايع ٿيڻ جو ڪارڻ
هڪ سائنسي کوجنا موجب انهن ماين ۾، جن جو هڪ ڀيرو حمل ضايع ٿي چڪو آهي، ٻيهر حمل ضايع ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو جيڪڏهن انهن جو وزن عام رواجي مايُن کان گھڻو هجي يا اهي ٿولهه جي بيماري  ”اوبيسٽي“ جو شڪار آهن.
لنڊن جي سينٽ ميري اسپتال هڪ کوجنا دوران 696 اهڙين زائفن جو مطالعو ڪيو، جن جي حمل ضايع ٿيڻ جو ڪو خاص ڪارڻ سمجھه ۾ نه پئي آيو. اسپتال جي هڪ ٽيم، ڪيناڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٿلهين ماين جي حمل ضايع ٿيڻ جا امڪان سندن وزن ڪري 73 سيڪڙو وڌي وڃن ٿا. ٿولهه جي علاج جي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته حمل دوران وزن گھٽائڻ هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو. جڏهن ته اها ڳالهه اڳ ئي ثابت ٿي چڪي آهي ته ٿولهه سبب ٻار جي ڄم ۽ حامله هجڻ ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون. جن 696  ماين تي کوجنا ڪئي وئي، تن مان اڌ زائفن جو وزن عام رواجي هو، 30 سيڪڙو عام رواجي کان وڌيڪ ٿلهيون هيون ۽ 15 سيڪڙو اوبيس (گھڻيون ٿلهيون) هيون.
سائنسي تحقيقن موجب، ماين جي عمر جيتري گھڻي هوندي آهي، اوتري ئي کين ٻار پيدا ڪرڻ جي عمل ۾ تڪليف ڏسڻي پوندي آهي، پر نئين سائنسي کوجنا موجب معلوم ٿيو آهي ته ٻار جي پيدائش واري عمل ۾ تڪليف ۽ وري وري حمل ضايع ٿيڻ جو هڪ سبب ٿولهه به آهي. سينٽ ميري اسپتال جي ڪلينيڪل نرس اسپيشلسٽ وِني لو جو چوڻ آهي ته هيءَ پهرين کوجنا آهي جنهن ۾ ٿولهه ۽ وري وري حمل ضايع ٿيڻ جي وچ واري تعلق کي سمجھيو ويو آهي.
موبائل فون ۽ ڪينسر ۾ تعلق
سائنسدانن آمريڪي قانونسازن کي موبائل فون جي استعمال مان پيدا ٿيندڙ هاڃن کان آگاهه ڪيو آهي. ايلبني يونيورسٽي ۽ پيٽسبرگ يونيورسٽي جي ڪينسر واري شبعي جي سربراهن تجويز ڏني آهي ته جھڙي نموني سگريٽ ڇڪيندڙ کي سگريٽ ڇڪڻ جي نقصانن کان خبردار ڪيو وڃي ٿو، اهڙي نموني موبائل فون استعمال ڪرڻ وارن کي به ان جي نقصانڪار اثرن کان آگاهه ڪرڻ کپي.
پيٽسبرگ يونيورسٽي ۽ ڪينسر اسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر رونالڊ هربرمين ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته اهڙيون مِڙئي کوجنائون، جيڪي اهو ٻڌائن ٿيون ته موبائل فون جي استعمال ۽ دماغ ۾ ڳوڙهي (ڪينسر واري) پيدا ٿيڻ جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ناهي، سي حقيقت ۾ گھڻيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن. هن ٻڌايو ته اهڙي قسم جي دعوى ڪندڙ کوجنائون موبائل فون جي هفتي ۾ هڪ ڀيرو استعمال کي گھڻو استعمال سمجھن ٿيون، جڏهن ته موبائل فون جو واهپو تمام گھڻو وڌي چڪو آهي. سائنسدانن جو پڻ چوڻ آهي ته هُو اهو چوڻ جي حالت ۾ ناهن ته موبائل فون جو استعمال هاڃيڪار آهي، پر اهي اهو به هرگز نه ٿا چئي سگھن ته موبائل فون جو استعمال بلڪل محفوظ آهي.
ايلبني يونيورسٽيءَ جي صحت واري ڊائريڪٽر ڊيوڊ ڪارپنٽر ۽ ڊاڪٽر هربرمين ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته موبائل فون استعمال ڪندڙ ٻارن ۾ ڪينسر جو خطرو وڌي وڃي ٿو. سائنسدانن هڪ اهڙو ماڊل به آمريڪي اڳواڻن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو، جنهن ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته موبائل فون مان نڪرندڙ ’بجليءَ وارا چقمقي شعاع‘ (اليڪٽروميگنيٽڪ ريز) وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارن جي دماغ ۾ ڪيترو نه اندر گھڙي وڃن ٿا. ڊاڪٽر هربرمين چيو ته دنيا ۾ 3 ارب ماڻهو موبائل فون استعمال ڪري رهيا آهن. سائنسدانن تجويز ڏني ته موبائل فون تي تنبيهه لکيل هجڻ گھرجي. ڊاڪٽر ڪارپنٽر چيو ته هن مهل تائين ماڻهن کي موبائل فون جي هاڃيڪار اثرن بابت ايتري ئي ڄاڻ آهي، جيڪا 30 سال اڳ سگريٽ ڇڪڻ ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ تعلق بابت هئي.
موبائل فون جو استعمال سڀ کان پهرين ناروي ۽ سُئيڊن ۾ شروع ٿيو، انهن ملڪن جي تحقيق موجب موبائل فون مان نڪرندڙ  شعاعن جو انساني صحت سان ڳانڍاپو ضرور آهي. سُئِيڊن ۾، 2008ع ۾ ٿيندڙ هڪ کوجنا موجب، موبائل جي ججھي استعمال جي ڪري ڪنن جي ويجھو ڪينسريائي ڳوڙهيون ٺهڻ جا امڪان ڪيترا ڀيرا وڌي وڃن ٿا. اهڙي نموني رائل سوسائٽي آف لنڊن هڪ تحقيقي مقالو ڇپايو آهي، جنهن موجب اهڙا ٻار جيڪي ويهن سالن جي ڄمار کان اڳ ئي موبائل فون جو استعمال شروع ڪري ٿا ڏين، تن ۾ 29 سالن جي ڄمار ۾ دماغ جي ڪينسر جا امڪان، انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پنجوڻ تي وڌي وڃن ٿا، جن موبائل فون جو استعمال ننڍپڻ ۾ ناهي ڪيو.
ڪمپيوٽر جي سَٺهين سالگرهه
60 سال اڳ  (1948ع ۾) مانچسٽر جي هڪ ليباريٽريءَ ۾ جديد ڪمپيوٽر تخليق ڪيو ويو هو. ننڍيءَ سطح تي ٺاهيل انهيءَ هڪ ڪمري جيڏي تجرباتي مشين، جنهن ۾ يادگيري جي صلاحيت هئي ۽ جنهن ۾ ڪو پروگرام رکجي پئي سگھيو، تنهن کي مختلف نموني جا ڪم ڪري سگھڻ واري صلاحيت جي ڪري، ڪي ماڻهو جديد ڪمپيوٽر جو پهريون نمونو سڏي رهيا آهن. ان ڪمپيوٽر 128 بائٽس جي ميمريءَ (يادگيري) واري صلاحيت سبب پهريون ڀيرو، ايڪويهين جون 1939ع تي، حسابن جو هڪ سوال حل ڪيو هو. ڪمپيوٽر جي خالقن ۾ شامل جيف ٽوئل موجب اسين خوش هئاسون، اسان هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون، جنهن کان پوءِ ڪينٽين ۾ مانجھاندي لاءِ هليا وياسون. ٽوئل ۽ ان ڪمپيوٽر جي خالقن ۾ شامل ٽن ٻين سائنسدانن کي برطانوي ڪمپيوٽر سوسائٽيءَ پاران مانچسٽر ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ اعزاز ڏنو ويندو. انهيءَ ڪمپيوٽر وانگر آمريڪا ۾ اِي.اين.آئي. اي.سي. مشين کي آمريڪي فوج لاءِ ميزائيلن جو رستو يا ٽراجيڪٽري جو تعين ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته برطانيا مشين کي ٻيءَ عالمي جنگ ۾ جرمنن جي لڪل پيغام کي سمجھڻ لاءِ ڪتب آندو. ٻنهي ڪمپيوٽرن ۾ ٻيهر پروگرام ڪرڻ جي سهولت هئي، پر ان ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هيا.
ڪمپيوٽر ڪنزرويشن سوسائٽي جي ڪرس برٽن موجب، اڄوڪيءَ دنيا ۾ جنهن شَي کي ڪمپيوٽر چيو ٿو وڃي، تنهن لحاظ کان اها ئي مشين دنيا جو پهريون ڪمپيوٽر هئي.
ليپ ٽاپ ــــــــ هڪ توهان جو ۽ هڪ غريب جو
اُسريل ملڪن ۾ ڪمپيوٽر جا خواهشمند ترت ئي سؤ ڊالرن ۾ ليپ ٽاپ حاصل ڪري سگھندا. انهيءَ منصوبي تي ڪم ڪندڙ تنظيم ”هڪ وٺو ۽ هڪ ڏيو“ واري اسڪيم شروع ڪئي آهي، جنهن هيٺ آمريڪي رهواسي 399 ڊالرن ۾ ٻه ليپ ٽاپ وٺي سگھندا. ان اسڪيم هيٺ، هڪ ليپ ٽاپ خريدار کي ملندو ۽ ٻيو اڻ اُسريل ملڪن جي ٻارن لاءِ هوندو. هيءَ اسڪيم 12 نومبر کان ٻن هفتن لاءِ هوندي. ”هر ٻار کي هڪ ليپ ٽاپ (او.ايل.پي.سي.) اسڪيم“ جي سربراهه والٽر بينڊر جو چوڻ آهي ته پهرئين ڏينهن کان ئي هن اسڪيم ۾ اڻ اسريل ملڪن جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ تي وڏي دلچسپي ظاهر ڪئي وئي آهي. ايڪس.او.ڪي ليپ ٽاپ ٻارن جي استعمال لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اهي ليپ ٽاپ سستا ۽ پائيدار آهن ۽ سندن استعمال به سهنجھو آهي. ان ليپ ٽاپ جون گھڻيون ئي خاصيتون آهن، مثال طور: ان کي اُس ۾ پڙهي سگھجي ٿو، ان ۾ ڦرڻ وارا پرزا نه هوندا، ان کي سج جي روشنيءَ تي چارج ڪري سگھبو ۽ ان جو ٿيلهو به واٽر پروف (پاڻي پَوڻ کان محفوظ) آهي. هن جو مُلهه ويجھڙ ۾ ئي 176 ڊالرن مان وڌائي 188 ڊالر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هي ليپ ٽاپ رڳو 100 ڊالرن ۾ کپائڻو هو. سائي ۽ سفيد رنگ جا ليپ ٽاپ مختلف ملڪن جون حڪومتون هزارن جي تعداد ۾ خريد ڪري سگھن ٿيون. او.ايل.پي.سي. جو چوڻ آهي ته ايڪس.او.ڪي ليپ ٽاپ لاءِ اسريل ملڪن جي ماڻهن منجھه به چڱي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
انساني اُڏام لاءِ مشين جو مَهورت
آمريڪا ۾، ماڻهوءَ جي اڏام لاءِ هڪ نئين مشين کي عامَ آڏو آندو ويو آهي، جنهن وسيلي هوا ۾ اُڏام (گلائينڊگ) ڪندي، رستن تي هلندڙ ٽريفڪ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھبو. ”مارٽن جيٽ پيڪ“ نالي اها مشين عام وزن واري پائلٽ کي ٽيهن منٽن ۾، 30 ميل سفر ڪرائي سگھندي. اڏام واسطي، مشين سان گڏ اٽڪل 19 ليٽر پيٽرول جي ٽانڪي لڳل آهي. هن مشين جو مَهورت ”ويسڪونسن“ جي هڪ سالياني تجرباتي هوابازيءَ جي تقريب ”دي اينيوئل ايوي ايشن ڪنوينشن آف اِيڪسپيريمنٽل ايئر ڪرافٽ“  جي موقعي تي ڪيو ويو. هن مشين تي ڪُل خرچ اٽڪل هڪ لک آمريڪي ڊالر آيو آهي. ان مشين سان گڏ حفاظتي قدمن طور، هڪ هنگامي پيراشُوٽ ۽ ناهموار سطحن تي لينڊنگ (لهڻ) کي هموار بنائڻ وارا اوزار لڳايا ويا آهن. هن مشين جي مؤجد گلين مارٽن، جنهن ان مشين کي اڏائڻ جو عملي مظاهرو پنهنجي پُٽ کان ڪرايو، جو چوڻ آهي ته ”هي تجربو اسان جي توقع کان به وڌ ڪامياب رهيو ۽ ماڻهو ان کي هڪ تاريخي واقعي طور ياد رکندا.“
ٻئي پاسي آمريڪي هوابازيءَ جي قانونن، اهڙين مشين لاءِ محدود پيماني تي استعمال جي اجازت ڏني آهي. هونئن ته ان نموني جي مشين کي استعمال ڪرڻ لاءِ پائليٽ کي لائسنس جي ضرورت ناهي، پر پوءِ به گھڻي آباديءَ وارن علائقن مٿان ان جي اڏام لاءِ اجازت ناهي ڏني وئي. فيڊرل ايوِي ايشن اٿارٽيءَ جو چوڻ آهي ته ان مشين کي رڳو راند روند ۽ تفريحي مقصدن ڪاڻ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
مريخ لاءِ ناسا جو نئون خلائي منصوبو
آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران سج سرشتي جي اهم گرهه مريخ تي حياتيءَ جو ڏَس پتو لڳائڻ لاءِ هڪ تحقيقي خلائي مشن روانو ڪيو ويو آهي. نون مهينن جو سفر طَي ڪري مريخ جي سطح تي پهچڻ وارو هيءُ خلائي جھاز مريخ جي سطح تي کوٽائي ڪري، ڪجھ نمونا کڻندو ته جيئن انهن جي تپاس منجھان اتي حياتيءَ جي امڪانن بابت ڄاڻي سگھجي.
”دَ فينڪس“ نالي اهو خلائي جھاز فلوريڊا رياست مان ڊيلٽا-2 راڪيٽ وسيلي خلا ۾ ڇڏيو ويو. جيڪڏهن سڀ مامرا طَي ٿيل منصوبي موجب ٿين ٿا ته فينڪس ايندڙ سال مئي 2009ع جي آخر تائين مريخ تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ناسا جي خواهش آهي ته خلائي جھاز مريخ گرهه جي ڊگھائي ڦاڪ واري ويڪري مٿاڇري تي لهي. خيال ڪيو وڃي ٿو ته بارفي (برف وارو) پاڻي انهن اُترين پٿرائن ميدانن جي سطح کان رڳو ڪجھه سؤ سينٽي ميٽر هيٺ موجود آهي، خلائي مشن جو مقصد نه رڳو ان بارفي پاڻيءَ جي تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي پر انهيءَ ڳالهه جي به معلومات حاصل ڪرڻ آهي ته ڇا پرڳڻي جي حالت ’خوردبين سان نظر ايندڙ حياتيءَ‘ جي واڌ ويجھه لاءِ مددگار ٿي سگھي ٿي يا نه.
هن خلائي منصوبي جي اهم محقق ۽ ايريزونا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر پيٽر سِمٿ جو چوڻ آهي ته ”اصل سوال، جنهن جو جواب لَهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي آهي ته ڇا اُتي برف رِجي (ڳَري) آهي؟ ڇو ته مٽيءَ سان گڏ پاڻياٺ جي صورت ۾ پاڻيءَ سان اسان کي اتي رهائش لاءِ ماحول ملي سگھي ٿو. سندس چوڻ آهي ته نهايت ننڍڙن ساهوارن جي بقا لاءِ پاڻي، مرڪب حياتياتي جزا (جن وسيلي اسان جي بدن جي بناوت ٿي آهي)، پروٽين، امينو ايسڊ ۽ ڪيتريون ئي ٻيون اهم شيون ضروري آهن, انهي ۾ سگھه جا ذريعا به شامل آهن. تحقيقي منصوبي جي هڪ ٻي سائنسدان وليم بائنٽن جو چوڻ آهي ته وڻندڙ سوالن منجھان هڪ هي به آهي ته حياتيائي ماليڪيول 70ع واري ڏهاڪي ۾ مريخ تي اماڻيل خلائي مشن وائڪنگ کي ڇو نه مليا هيا. ان جو جواب هي آهي ته اتي ڪو اهڙو نظام آهي، جيڪو مريخ تي حياتيائي ماليڪيولن کي برباد ڪري سگھي ٿو. ممڪن آهي ته اهو نظام قطبي علائقن ۾ ڪم نه ڪندو هجي، ڇو ته پاڻي ۽ برف حياتيائي مرڪبن کي برباد ڪندڙ تڪسيدي (oxidant) عملن کي تحليل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پروفيسر بائنٽن جو چوڻ آهي ته مريخ جي مٽيءَ ۾، انهن مڙني ڳالهين جي ثبوتن مان به اهو پڌرو ٿي نه سگھندو ته ته اُتي حياتيءَ جو وجود آهي يا اها ڪڏهن رهي هوندي؟
سج جي توانائيءَ سان هلندڙ هيءُ خلائي جھاز پنهنجي مشيني هٿ جي مدد سان مريخ جي سطح جي هيٺيان برفيلي تهه تائين کوٽائي ڪري مٽيءَ جا نمونا تجزيي لاءِ جھاز جي ڊيڪ تي لڳل انتهائي طاقتور تحقيقي اوزارن کي منتقل ڪري ڇڏيندو، جيڪي انهن جي جاچ ڪندا. مشن جي اهم رڪن ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن جي ڊاڪٽر ٽام پائڪ جو چوڻ  آهي، ”مريخ تي حياتي ملڻ جي امڪان ۾ ته گھري دلچسپي آهي، پر اسان هتي سٺي سائنسي کوجنا ڪنداسون، جيئن ته وڌيڪ امڪان اهو آهي ته کوجنا دوران ان گرهه تي حياتيءَ جا آثار نه ملن، پر پوءِ به تحقيقي مشن جو ڌيان رڳو ان نقطي تي مرڪوز نه ٿا ڪري سگھون.“
420 ملين ڊالرن جي ماليت وارو هيءُ خلائي مشن مريخ جي قطبن جي ماحول ۾ موسم جو به مشاهدو ڪندو.
هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏِهاڙو
ماءُ پيءُ لاءِ ڏکين ڪمن مان هڪڙو، پنهنجن ٻارن جا هٿ ڌوئارڻ به آهي، پر هاڻي سندن مدد لاءِ ڪنهن ته هٿ وڌايو آهي. اهو هٿ ڪنهن ٻي جو نه، پر عالمي اداري ”گڏيل قومن“ (United Nations) جو آهي، جنهن پاران، هن سال 2008ع ۾، 15 آڪٽوبر تي دنيا ۾ هٿن ڌوئڻ جو پهريون عالمي ڏينهن ملهايو ويو. انهيءَ ڏينهن، ايشيا کنڊ جي 12 ڪروڙن کان وڌيڪ ٻارن پنهنجا هٿ صابڻ سان ڌوتا.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماڻهن منجھ اها جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته هٿ ڌوئڻُ هيپاٽائيٽس، نمونيا ۽ دَستن جھڙين بيمارين کي روڪڻ جو سڀ کان اثرائتو وسيلو آهي. انهن بيمارين سان موتَ به ٿين ٿا.
چيو وڃي ٿو ته ڏکڻ ايشيا جي اڌ آباديءَ وٽ ٽائيليٽس (ڪاڪوسن) جي سهولت ناهي. آفريڪا جي ڏاکڻي علائقي ۾ هيءَ سهولت رڳو 28 سيڪڙو ماڻهن کي مليل آهي. انهيءَ ڪري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهو پيغام گھر گھر پهچائجي ته صابڻ سان هٿن ڌوئڻ ڪري، انهن بيمارين کي اڌو اڌ گھٽائي سگھجي ٿو. ڪابل کان وٺي ڪراچيءَ ۽ دهليءَ کان وٺي ڍاڪا تائين لکين ٻارن ان ڏهاڙي صابڻ سان پنهنجا هٿَ ڌوئي، اهو عزم ڪيو ته اهي صحت ۽ صفائيءَ جي مامرن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا.
ڀارت ۾ مشهور ڪرڪيٽر سچن ٽنڊلڪر ان مهم جي افتتاح ۾ شريڪ ٿيو. افغانستان جي ٽاڪ شوز (گفتگو وارن پروگرامن) جو به اهو موضوع هو ۽ پاڪستان ۾ به خبرن ۾ شامل رهيو. نيپال جِي نئين مائو نواز سرڪار موبائل فونن تي ٽيڪسٽ پيغامن وسيلي اهو نياپو پکيڙيو ۽ ڀُوٽان ۾ ان تي اينيميٽيڊ (ڪارٽون نموني) فلم ٺاهي وئي.
وارَ ڪڏهن ڇڻندا، ڄاڻي سگھبو
عالمي ماهرن جي هڪ ٽيم، مردن ۾ تڪڙي گنجائپ جي خطري کي ستوڻ تي وڌائيندڙ جيڻ (Gen) کوجي آهي. 5 هزار ماڻهن جي ڊِي.اين.اي. (DNA) تي تحقيق سان معلوم ٿيو آهي ته گنجائپ سان ٻن قسمن جي جيڻن جو تعلق آهي.
نيچر رسالي موجب، ستن منجھان ٻن ماڻهن ۾ جيڻن جا اهي ٻه قسم ٿين ٿا. تحقيق ڪندڙن چيو آهي ته ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ کان پوءِ، ته وارَ جلدي ڇڻن ٿا، انهن جي علاج بابت ترقيءَ ۾ مدد ملندي. مردن ۾ گنجائپ کي خانداني سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان جو تعلق هارمونن سان به ٻڌايو وڃي ٿو.
بريڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي، سينٽر فار اسڪن سائنسز جي پروفيسر وال رنيبال جو چوڻ آهي ته اها تحقيق ڪارائتي آهي پر ان ڳالهه تي بحث ڪري سگھجي ٿو ته مردن کي وارن ڇڻڻ جي خدشي بابت ڄاڻي ڪو فائدو ٿيندو، تڏهن به وارن کي ڇڻڻ کان بچائڻ، وارَ ٻيهر لڳائڻ کان آسان آهي.
آمريڪي سياح خلائي سفر تي روانو
خلائي سير سفر لاءِ 3 ڪروڙ ڊالر ڀريندڙ آمريڪي سياح رچرڊ گيريئٽ ڪاميابيءَ سان خلا ۾ روانو ٿي ويو. 47 سالن وارو رچرڊ سوئز نالي ڏيهان ڏيهي خلائي مرڪز تي 10 ڏينهن گذاريندو. هُو ٽِي. ايم.اي-3 نالي جهاز وسيلي پنهنجي سفر تي روانو ٿيو.
رچرڊ جو والد اوئن گيريئٽ پڻ خلاباز رهيو آهي. هن 1973ع ۾ آمريڪي خلائي مرڪز تي 60 ڏينهن گذاريا هئا. ان دوران هن خلا مان ڌرتيءَ جي مٿاڇري جون تصويرون ڪڍيون هيون. پنهنجي پٽ جي خلائي سفر تي روانگيءَ وقت اوئن ماسڪو ۾، خلائي مشن جي ڪنٽرول روم ۾ موجود هو.

رچرڊ سان گڏ وڃڻ وارن ۾ آمريڪي خلاباز مائيڪ فنڪ ۽ روسي فلائيٽ انجنيئر يوري لنچاڪوف به شامل آهن. معلوم هجي ته رچرڊ اسپيس ايڊونچرز نالي ان آمريڪي ڪمپنيءَ جي بورڊ جو ميمبر به آهي جنهن روسي خلائي جهازن تي پنجن سياحن جي سفر جو انتظام ڪيو آهي. سن 2001ع ۾ خلا جي سياحت لاءِ ويندڙ ڪيليفورنيا جو واپاري ڊينس ٽيٽو به اِن ڪمپنيءَ جي پروگرام هيٺ روانو ٿيو هو. رچرڊ پنهنجي ان دَوري دوران پروٽين ڪرسٽلز جي واڌاري جي حوالي سان تجربا بــه ڪــنـــدو. هــن مـوجـب اهـي تـجـربـــا انــهـــن ڪمپنين لاءِ ڪيا ويندا، جن هن جِي، ٽن ڪروڙ ڊالرن جِي ٽڪيٽ ۾ ذڪر جوڳو حصو ورتو آهي.

خلائي ڪيپسول موٽي آيو
سوئز خلائي ڪيپسُول ٻن روسي خلابازن ۽ هڪ آمريڪي خلائي سياح رچرڊ گيريئٽ سُوڌو ڌرتيءَ تي موٽي آيو آهي. اهو ڪيپسول حفاظت سان قازقستان ۾ لٿو. خلابازن جو چوڻ هو ته اهي خيريت سان آهن. خلائي سياح رچرڊ گيريئٽ جو پيءُ اوئِن گيريئٽ به 70ع جي ڏهاڪي ۾ ناسا ۾ خلاباز هو. سوئز نئين عملي کي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن وٺي ويو هو. رچرڊ گيريئٽ ڪمپيوٽر جون رانديون ٺاهيندو آهي ۽ اسپيس ايڊونچرز جي بورڊ ۾ شامل آهي ۽ سرمائيدار آهي. اسپيس ايڊونچرز اڳ به ڪروڙ پتي ماڻهن لاءِ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي سياحت جو انتظام ڪيو آهي.
رچرڊ گيريئٽ جي پيءُ اوئِن گيريئٽ 1977ع ۾ سڪاءِ ليب اسٽيشن تي 60 ڏينهن گذاريا هئا.
گيريئٽ سان گڏ روسي خلاباز سرجي جو پيءُ به مير اسٽيشن ۽ روسي سليوٽ-7 جا وڏي عرصي وارا سفر ڪري چڪو آهي.
ان شٽل (ڪيپسول) جو ايندڙ سفر نومبر ۾ ٿيندو.
موبائل براڊ بينڊ، ليپ ٽاپ لاءِ ڪوشش
فون ڪمپنيون، چِپ ٺاهيندڙ ڪمپنيون ۽ ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ ڪمپنيون گڏجي، موبائل براڊ بينڊ کي ليپ ٽاپ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون. اهي ليپ ٽاپ 91 ملڪن ۾ وڪري لاءِ ڪِرسمس جي موقعي تي موجود هوندا. ان جي انٽرنيٽ تي برائوزنگ جي تيز ترين رفتار ست ميگا بِٽس في سيڪنڊ هوندي.
جِي ايس ايم جي ترجمان اوهارا جو چوڻ آهي ته ان جي رفتار وائي فائي جي رفتار جي لڳ ڀڳ آهي. اهي ليپ ٽاپ موبائل فونن جي دڪانن تي به رکيا ويندا. هي ليپ ٽاپ اهڙي ئي ايجاد آهن جيئن وائي فائي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ نواڻ آندي هئي. شروع ۾ اهو ڪارڊ جي شڪل ۾ هو پر پوءِ ليپ ٽاپ ۾ ئي لڳايو ويو هو.
(ذريعو: بِي بِي سِي اردو.ڪام)

No comments:

Post a Comment