’سائنسي سوچ‘ جو
پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
سائنس جي شعبن ۾ 2008ع
جا نوبل انعام
ترجمو: رياضت ٻرڙو
ڪيمسٽريءَ جو شعبو
جيلِي مڇيءَ جي
چمڪ جي ڪارڻن کي ڄاڻي، ٻن آمريڪي ۽ هڪ جپاني سائنسدانن ڪيمسٽريءَ جو نوبل انعام
ماڻيو آهي. مارٽن چيلفِي، راجر سين ۽ شيمو مورا آبي جيوت جي چمڪڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ، ان جي جيڻ (Gen)
جو اڀياس ڪيو. ڄاڻايل ٽنهي سائنسدانن جي تحقيق سان، هاڻي بَدني سرشتي کي سمجھڻ ۾
مدد ورتي پئي وڃي. آبي جيوت ۾ چمڪ جي اصول کي ڪتب آڻيندي بدني سرشتي کي سمجھي
سگھجي ٿو جنهن سان دماغ جي تنتي گھرڙن (نيورون) جي ٺهڻ يا ڪينسريائي تنتي گھرڙن جي
وڌڻ جي عمل کي جاچي سگھجي ٿو.
جيلي مڇيءَ جي کَل ۾ جِي ايف پِي (GFP)
نالي سان هڪ مخصوص پروٽين ( = اهي جزا جيڪي
نائٽروجن، هائڊروجن ۽ آڪسيجن وغيره جي مرڪبن تي ٻڌل هجن ٿا) ٿئي ٿو، جنهن سان اها نيري ۽ واڱڻائي روشنيءَ ۾ چمڪندي آهي.
![]() |
| مارٽن چيلفي |
![]() |
| شيمو مورا |
![]() |
| راجر سين |
شيمو مورا 1962ع
۾ هڪ جيلي مڇيءَ مان اهو پروٽين هٿ ڪري، جانورن ۾ چمڪ جو ڪارڻ ڄاڻڻ شروع ڪيو. هاڻ
جِي ايف پِي تجربيگاهن ۾ گھڻو ئي استعمال ٿئي ٿو. سائنسدان چمڪ پيدا ڪندڙ پروٽين
جِي جيڻ کي جانورن ۽ ٻوٽن ۾ تبديلي آڻڻ جي تجربن ۾ به ڪتب آڻن ٿا. چمڪ جي مشاهدي
سان کين خبر پئجي ويندي ته جانور يا ٻوٽي ۾ تبديلي اچي پئي يا نه. ان سائنس وسيلي
اسان اهي چمڪندڙ ڪُئا، سيهڙ ۽ پوپٽ ڏسي سگھون ٿا جيڪي تجربيگاهن مان چمڪندي نڪرن
ٿا.
سائنسدانن چمڪ پيدا ڪندڙ مختلف پروٽينن
ذريعي دماغ جي تنتي گھرڙن کي لڳ ڀڳ 90 مختلف رنگن ۾ روشن ڪيو آهي. (ذريعو: بِي
بِي سِي)
فزڪس جو شعبو
دَ رايل سئيڊش اڪيڊميءَ
اعلان ڪيو آهي ته فزڪس جو نوبل انعام ٻن جپاني ۽ هڪ آمريڪي سائنسدانن ماڻيو آهي،
جن جا نالا يوئچيرو نمبو، ماڪوتو ڪوباياشي ۽ توشيديدِي
ماسڪاوا آهن. انهن سائنسدانن مادي جي جوڙجڪ/بناوت
بابت نئين آگَهِي (ڄاڻ) ڏني آهي. يوئچيرو نمبو ايٽمي فزڪس ۾ هڪڙي نئين طريقيڪار جي
نشاندهي ڪئي آهي جنهن کي ”اسپانٽِينيَس بروڪن سَميٽرِي“ چئجي ٿو. ڪوباياشي ۽
ماسڪاوا جي کوجنا، ٽن نوَن قسمن جي بنيادي ذرڙن جي موجودگيءَ جو اندازو ڪيو آهي جن
کي ڪوارڪس (Quarks) چئجي ٿو. پارٽيڪل (ذرڙن واري، Partical)
فزڪس جي معياري ماڊل (خاڪي) موجب ڪوارڪس، بنيادي ذرڙن پروٽانن ۽ نيوٽرانن جا ننڍا
ايڪا (يونٽ) آهن جيڪي پاڻ ۾ گڏجي ايٽم جو مرڪز (نيوڪليس) جوڙن ٿا.
نوبل انعام جي رقم سئيڊن سِڪي ۾ 10 ملين
سئيڊش ڪرونر ٿئي ٿي، تنهن کان سواءِ انعام ماڻيندڙ کي ميڊل ۽ ڊپلوما به ڏنو ويندو
آهي. (ذريعو: بي.بي.سي)
طب يا علم بدن (فزيالاجيءَ) جو شعبو
نوبل اسيمبلي
ڪَيرولنسڪا، طب يا علم بدن جي شعبي ۾ نوبل انعام جو اڌُ، جرمن سائنسدان هَيرالڊ زر هاسين ۽ باقي
اڌُ، ٻن فرانسي (فرينچ) سائنسدانن فرانڪوس بيئر سنوسي
۽ ليوڪ مونٽاگ نيئر کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هيرالڊ زر هاسين
کي انعام ”انساني ڳوڙهين وارن وائرسن (Human papilloma viruses)،
جيڪي ٻچيدانيءَ جي ڳچيءَ واري ڪينسر جو سبب بڻجن ٿا“، جي کوجنا تي ڏنو ويو. هيرالڊ
زر هاسين (Harald zur Hausen) 1936ع ۾ جرمنيءَ ۾ ڄائو. هُو
ڊيوسيلڊورف يونيورسٽيءَ، جرمنيءَ، جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. هُو پروفيسر ايمريٽس ۽
جرمنيءَ جي شهر هيڊل برگ ۾ جرمن ڪينسر ريسرچ سينٽر
جو اڳوڻو چيئرمئن ۽ سائنٽيفڪ ڊائريڪٽر آهي.
فرانڪوس ۽ ليوڪ کي انعام ”انساني بچاءَ ۾ گھٽتائي آڻيندڙ
وائرس“ (Human immunodeficiency virus) جي کوجنا
تي ڏنو ويو.
فرانڪوس بيئر
سنوسي (Francoise Barre-Sinoussi) 1947ع ۾
فرانس ۾ ڄائو. هُن پاسچر انسٽيٽيوٽ، گارچيس، فرانس مان علم وائرس (وائرولاجي = اثرائتن وائرسن ۽
وبائي بيمارين جو علم) ۾ پِي ايڇ. ڊِي. آهي. هُو فرانس ۾، پاسچر انسٽيٽيوٽ جي
وائرولاجي شعبي ۾ قائم، ريگيوليشن آف ريٽراوائرل انفيڪشنس يونٽ جو ڊائريڪٽر ۽
پروفيسر آهي.
ليوڪ مونٽاگ نيئر (Luc Montagnier)
1932ع ۾ فرانس ۾ ڄائو. هُو پئرس يونيورسٽيءَ ۾ وائرولاجيءَ ۾ پِي ايڇ. ڊِي. آهي.
هُو پئرس ۾ قائم، ورلڊ فائونڊيشن فار ايڊس ريسرچ اينڊ پرِيوينشن جو ڊائريڪٽر ۽
پروفيسر ايمريٽس آهي.(ذريعو:
انٽرنيٽ)



No comments:
Post a Comment