’سائنسي سوچ‘ جو
پهريون شمارو (جنوري 2009ع)
عظيم ترين ڌماڪو (Big Bang)
ڪائنات ڪيئن جُڙي؟
(هڪ نئين تجربي جي ڪٿا)
ترجمو: خادم رند
بگ بينگ تجربي جي ڪامياب شروعات
سائنسدانن
هن مهانگي ۽ طاقتور تجربي جي ڪامياب ابتدا کي ساراهيو آهي، جنهن سان بگ بينگ يا
عظيم ترين ڌماڪي کان ترت پوءِ وارا لمحا هڪ ڀيرو ٻيهر پيدا ڪري، ڪائنات جي وجود ۾
اچڻ کي سائنسي نڪتي نظر سان ڄاڻي سگھبو. فرانس ۾ ڌرتيءَ هيٺ ٺاهيل تحقيقي مرڪز ۾
موجود سائنسدانن پروٽان ذرڙن جا ٻه شعاع ڇڏيا آهن. پروٽان ذرڙن جڏهن 27 ڪلوميٽر
ڊگھي گول چُر ۾ پهريون چڪر پورو ڪيو ته تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ان
چُر ۾ هڪ تمام وڏو هائيڊرون ڪولائينڊر به لڳايو ويو آهي. اهڙي قسم جي تجربي بابت
ٽي ڏهاڪا اڳ سوچيو ويو هو.
نيوڪليائي
تحقيق جي يورپي اداري ”سرن“ جي اهتمام هيٺ ڪئي ويندڙ ان تجربي دوران
انجنيئرڊ ذرڙن جي هڪ شعاع کي 27 ڪلوميٽر ڊگهي زمين اندر ٺاهيل چُر ۾ مشين جي مدد
سان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. 5 ارب پائونڊن جي خرچ سان تيار ٿيندڙ ان مشين ۾ ذرڙن
کي دهشتناڪ طاقت سان پاڻ ۾ ٽڪرايو ويندو، ته جيئن ڪائنات جي ابتدا مهل ٿيندڙ ڌماڪي
۽ ان جي اثرن جي علامتن کي جديد فزڪس لاءِ پڌرو ڪري سگھجي. فرانس ۽ سئٽزر لينڊ جي
سرحد وٽ کوٽيل ان چُر ۾ هڪ هزار سيلينڊرن جي شڪل وارن چقمقن کي گڏوگڏ رکيو ويو
آهي. انهن ئي چقمقي سيلينڊرن سان پروٽان ذرڙن جي هڪ ريکا (ليڪ) پيدا ٿيندي، جيڪا
ستاويهن ڪلوميٽرن تائين گولائيءَ جي شڪل ۾ ٺاهيل چُر ۾ ڦرندي. چُر ۾ پروٽان ذرڙن
جي ٽڪرائڻ سان ٻه ريکائون پيدا ٿينديون، جن کي ان مشين اندر، روشنيءَ جي رفتار سان
مخالف پاسن (ابتڙ رُخن) ۾ سفر ڪرايو ويندو. ان ريت هڪ سيڪنڊ ۾ اهي ريکائون يارنهن
هزار چڪر مڪمل ڪنديون ۽ چر جي اندر مقرر ڪيل جڳهن تي ذرڙن جون اهي ريکائون هڪٻئي
جو رستو ڪٽينديون، جنهن جو مشاهدو ڪيو ويندو. سائنسدانن کي اميد آهي ته ان تجربي
دوران نوان سب ايٽم (ايٽم جا ننڍا ذرڙا) سامهون ايندا، جن مان ڪائنات جي بناوت کي
سمجھڻ لاءِ بنيادي ڄاڻ ملندي . (رپورٽ: پال رنگون)
بگ بينگ تجربي ۾ ٻن مهينن جي دير
ايٽمي
کوجنا جي يورپي تنظيم سرن جو چوڻ آهي ته هيڊرون ڪولائيڊر ۾ جيڪو نقص پيدا ٿيو آهي،
تنهن کي درست ڪرڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 مهينا لڳي ويندا. سرن ترجمان موجب، 3 ڏهائي چار
ارب پائونڊن جي ماليت واري پارٽيڪل ايڪسيلريٽر کي اڳ ڪَٿيل اندازن کان گھڻو وڌيڪ
نقصان ٿيو آهي. فرانس ۽ سئٽزر لينڊ جي سرحدن وٽ، زمين اندر جوڙيل تحقيقي مرڪز سرن
۾ موجود انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي هيڊرون ڪولائيڊر ۾ ذرڙن کي دهشتناڪ قوت سان
ٽڪرائڻ جو منصوبو ان مهل روڪڻو پيو جڏهن ڪولائيڊر جي چقمق ۾ خرابي پيدا ٿي پئي.
ڪوئنچ نالي ان خرابيءَ جي نتيجي ۾ ڪولائيڊر جي انتهائي ٿڌن چقمقن مان اٽڪل هڪ سَو
کن جو گرمي پد، هڪ سَو ڊگريون سينٽيگريڊن تائين پهچي ويو. خرابيءَ سبب چُر ۾ موجود
خلا ختم ٿي وئي ۽ هڪ ٽن پاڻياٺي هيليم چُر اندر پکڙجي وئي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ
لاءِ باهه وسائيندڙ عملي کي به ڪوٺيو ويو.
ترجمان
موجب، هونئن ته اها ناڪامي ڪا سٺي خبر نه هئي، تڏهن به ان قسم جي دير غير متوقع نه
هئي. ياد رهي ته سائنسدانن آڪٽوبر جي اٺين تاريخ تي پروٽان ذرڙن جا ٻه شعاع ان چُر
۾ ڇڏيا هئا. تجربي لاءِ چُر ۾ سيلينڊر جي شڪل وارن 1000 چقمقن کي گڏوگڏ رکيو ويو
آهي. انهن ئي چقمقي سيلينڊرن مان پروٽان ذرڙن جي هڪ ليڪ پيدا ٿيندي، جيڪا ستاويهن
ڪلوميٽرن تائين گول شـڪــل ۾ ٺـــاهــيــل چُـــر ۾ ڦـــرنــــدي، جــــتــي پروٽان
ذرڙن جي ٽڪراءَ سان ٻه ليڪون پيدا ٿينديون، جن کي مشين اندر ابتڙ رخ ۾ سفر ڪرايو
ويندو. اهڙي نموني هڪ سيڪنڊ ۾ اهي ليڪون 11 هزار چڪر مڪمل ڪنديون ۽ مقرر هنڌن تي
هڪ ٻئي جو رستو ڪٽينديون، جنهن جو مشاهدو ڪيو ويندو.
بگ بينگ ـــــــــــ ڀارتي ڇوڪريءَ جو آپگھات
ڀارت ۾ هڪ ڇوڪريءَ ٽي.ويءَ تي اها خبر ٻڌي پاڻ کي ماري ڇڏيو ته فزڪس جي هڪ
تجربي جي ڪري دنيا ختم ٿي سگھي ٿي. سورهنِ سالن واري ڇايا جي پيءُ بِهاري لال
ٻڌايو ته سندس ڌيءُ زهر کائي آپگھات ڪيو آهي. اهو واقعو اتر ڀارت جي شهر اندور ۾
پيش آيو. ڇايا جي پيءُ چيو ته ڇايا سندس ڇهن ٻارن ۾ سڀني کان وڏي هئي. هوءَ
ٽي.ويءَ تي اهڙيون خبرون ٻڌي ڊڄي وئي هئي ته ان تجربي سان زمين ۾ ڏار پئجي سگھن ٿا
۽ سندس ڳوٺ ۾ سڀ ماڻهو مري ويندا. بهاري لال ٻڌايو ته هن ڇايا جو ڌيان مٽائڻ جي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ کيس سمجھايو ته پريشان ٿيڻ جي ڪا گھرج ناهي.
اندور ۾
پوليس ڇايا جي موت جي جاچ ڪري رهي آهي. ڀارت مان ملندڙ اطلاعن موجب اتي بگ بينگ
تجربي بابت خبرون ٻڌڻ کان پوءِ، اهو سمجھندي ته دنيا ختم ٿيڻ واري آهي، گھڻن ئي
ماڻهن مندرن ڏانهن رخ ڪيو هو.
هن سال جي
شروع ۾ شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾، ايٽمي تحقيق جي يورپي تنظيم سرن چيو هو ته ان تجربي
مان بظاهر ڪنهن کي به ڪو نقصان رَسڻ جو انديشو ناهي.
ڪائنات جي سڀ کان ٿڌي جاءِ
فرانس ۽
سئٽزر لينڊ جي سرحد وٽ هڪ چُر اندر فزڪس جي تجربن لاءِ ٺاهيل ليباريٽري ڪائنات جي
سڀ کان ٿڌي جاءِ ثابت پئِي ٿئي. خلا جي پرانهن علائقن ۾ گرمي پد ڪاٽو 270 ڊگري
سينٽيگريڊ ٻڌايو وڃي ٿو، پر هن ليباريٽريءَ ۾ گرمي پد ڪاٽو 271 ڊگري سينٽيگريڊ
ٿيندو. سوچيو پيو وڃي ته ان ليبارٽريريءَ ۾، هن وقت تائين جو سڀ کان سگھارو تجربو
ڪيو ويندو، جنهن وسيلي ڪجھ اهڙيون ئي حالتون پيدا ڪيون وينديون جيڪي بگ بينگ کان
ترت پوءِ رهيون هونديون. سائنسي نظريي بگ بينگ موجب، ڪائنات جو ڄم هڪ اهڙي طاقتور
طبعياتي ڌماڪي کان پوءِ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف گِرهه ڪائنات ۾ پکڙجي ويا ۽
اتي ڪروڙن سالن دوران تبديل ٿيندڙ ماحول ۾، مثال طور: ڌرتيءَ تي، حياتي وجود ۾
آئي.
هزارن
چقمقي تارن تي ٻڌل هڪٻئي سان ٽڪرائجندڙ پائپ ايل.ايڇ.سِي (لارج هيڊرون ڪولائينڊر)
ٺاهيو ويو آهي، جيڪو فرانسيسي سرحد وٽ تجربيگاهه ۾ ڪاٽو 271 ڊگري سينٽيگريڊ تي نصب
ڪيو ويو آهي. اهي چقمقي تارون چوُڙيءَ جي شڪل ۾ ان پائپ يا ايل.ايڇ.سي ۾ اهڙي
نموني لڳايون ويون آهن، جو اهي هن چُر ۾، ستاويهن ڪلوميٽرن تائين، لڳل هونديون.
جڏهن تجربيگاهه ۾ تجربو ڪيو ويندو ته ذراتي ڪِرڻا چقمقتي تارن سان ڳنڍيل
ايل.ايڇ.سي وسيلي مخالف رُخ ۾ روشنيءَ جي رفتار سان گذرندي ڪجھ هنڌن تي ٽڪرائبا.
هن تجربي جي نتيجي ۾ اهو ٽڪراءُ طوفاني نوعيت جو هوندو، بلڪل ڪجھه اهڙو ئي، جھڙو
بگ بينگ وقت ٿيو هو.
تجربيگاهه ۾ اهڙي نموني جو هيءُ
پهريون تجربو آهي، پر عوامي دلچسپيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو سڀ ڪجھه اهڙين ٿڌين
حالتن ۾ ٿيندو، جيڪي اهو ثابت ڪنديون ته ڪائنات ۾ ايڏي گهڻي ٿڌي جڳهه ٻيو ڪٿي به
ناهي. (ذريعو: بِي بِي سِي اردو ڊاٽ ڪام)
No comments:
Post a Comment